
ڪراچي:(خميس 12 جون 2025ع)موسميات کاتي 13 جون کان 16 جون تائين ملڪ جي وچولي ۽ مٿانهين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ ڏکڻ پنجاب ۽ اتر سنڌ جي ضلعن ۾ آنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
موسميات کاتي موجب، گهميل هوا جو سسٽم ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جيڪو 13 جون کان اثرانداز ٿيندو. ان جي نتيجي ۾ ڪشمير، گلگت بلتستان، مري، سوات، مانسهرا، بٽگرام، شانگلا، ڪوهستان ۽ ايبٽ آباد سميت مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙي جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، جهلم، ميانوالي، سرگوڌا، منڊي بهاوالدين، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، نارروال، لاهور، جهنگ ۽ ٽوبا ٽيڪ سنگهه سميت پنجاب جي ٻين علائقن ۾ به وقفي وقفي سان برسات متوقع آهي.
موسميات کاتي موجب، خيبرپختونخوا جي هري پور، پشاور، مردان، صوابي، نوشهره، چارسده، مهمند، خيبر، ڪرم، ڪوهاٽ، ڪرڪ، ڊي آءِ خان، وزيرستان، ۽ بلوچستان جي زوب، بارکان، موسيٰ خيل سميت ٻين علائقن ۾ پڻ 13 کان 16 جون تائين برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي طرفان ڏکڻ پنجاب ۽ اتر سنڌ جي سمورن ضلعن ۾به آنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language