welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

احمد آباد جهاز حادثو: بلاول ۽ آصفه پاران افسوس جو اظهار

برسلز:(خميس 12 جون 2025ع)ڀارتي شهر احمد آباد ويجهو ايئر انڊيا جي مسافر جهاز سان پيش آيل هوائي حادثي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري طرفان افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، جهاز ۾ عملي سميت 242 مسافر سوار هئا، جڏهن ته حادثي ۾ وڏي جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. آصفه ڀٽو زرداري بيان جاري ڪندي چيو ته احمد آباد ۾ پيش آيل هوائي حادثي جي افسوسناڪ خبر ملي، هن ڏکي گهڙيءَ ۾ پاڪستان ڀارتي عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪري ٿو، دعائون متاثرن ۽ سندن خاندانن سان گڏ آهن. بلاول ڀٽو زرداري به حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو ڀارتي عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ڪري ٿو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے