welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شاھپور چاڪر ۾ ڪسٽم جو ڇاپو، وڏي مقدار ۾ سگريٽ هٿ، منهن ماري، مڇريل ماڻهن گاڏي کسي ورتي

شاھپورچاڪر:(اڱارو 20 مئي 2025ع)شاھپورچاڪر ۾ سگريٽن جي ٻن واپارين جي گھر تي ڪسٽم آفيسرن جو ڇاپو، وڏي مقدار ۾ سگريٽ هٿ، ڪسٽم اهلڪارن ۽ شهرين ۾ منهن ماري، صحافين کان ڪيمرائون ڦريون ويون، مڇريل شهرين ڪسٽم عملدارن کان سگريٽن جي گاڏي کسي ورتي، اهلڪار پوليس حوالي، خبر موجب شاهپورچاڪر جي گوشت مارڪيٽ واري علائقي ۾ پاڻ کي ڪسٽم عملدار سڏائيندڙ اهلڪارن ليڊيز پوليس ساڻ ڪري شهر جي مشهور واپاري مظفر قريشي جي گھر ۾ گھڙي گھر ۽ گدام ۾ پيل وڏي مقدار ۾ سگريٽن جا ڪارٽون هٿ ڪري ورتا، جن جي ماليت لکين رپيا ٻڌائي پئي وڃي، ھٿ ڪيل سگريٽ گڏ آندل مزدا گاڏي لوڊ ڪري روانا ٿيا ته صحافين ڪوريج ڪرڻ جو ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڪسٽم آفيسر سڏائيندڙن صحافين کان ڪيمرائون کسي فوٽيج ضايع ڪري ڇڏيا، جنهن دوران ڪاري رنگ جي بغير نمبر پليٽ جي ڪار ۾ آيل اهلڪارن کي شاهپورچاڪر جي مڇريل شھرين جي هجوم زبردستي توڪي ورتو ۽ سگريٽن جي گاڏي کسي ورتي، شھرين ڪسٽم آفيسرن کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو ته ايس ايچ او شاھپورچاڪر يوسف آرائين پڪڙيل ڪسٽم آفيسرن کي پنھنجي گاڏي ۾ ويھاري ٿاڻي تان کڻي ويو، سگريٽ ايجنسي جي مالڪ امجد قريشي ٻڌايو ته مبينا ڪسٽم اهلڪار سڏرائيندڙ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪري چورن وانگر گهر ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارن کي هراسان ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جي سگريٽن جي ايجنسي آهي، جتي سڀ رجسٽرڊ ڪمپنين جا سگريٽ آهن، ڪاروائي غير قانوني آهي، هوڏانهن ايس ايس پي سانگهڙ فوري طور ڊي ايس پي سنجھورو نثار وساڻ، ڊي ايس پي شھدادپور تنوير شاهه ۽ ڊي ايس پي سانگهڙ لونگ شر سميت مختلف ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي شاهپورچاڪر روانو ڪيو، جن سگريٽن جي گدام تي ٻيهر چڙھائي ڪري سگريٽن جا کيسل ڪارٽون ھٿ ڪري ورتا ۽ پاڻ سان گڏ کڻي ويا، ان موقعي تي سگريٽن جي ڊيلر سلمان به پهتو ۽ پوليس کي ڪاغذ ڏيکاريندي چيو ته اسان کي سنڌ گورنمينٽ طرفان اهي سگريٽ کپائڻ جي اجازت مليل آهي، پر پوليس سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ کيس چيو ته اهي ڪاغذ اوهان هاڻ ڪورٽ ۾ پيش ڪجو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے