welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌڙي ڀرسان اسڪول جي نئين بلڊنگ ۾ 15 ڏينهن اندر ڏار پئجي ويا

سنڌڙي:(اڱارو 20 مئي 2025ع)گورنمينٽ پرائمري اسڪول عمر پنھور جي ھڪ ڪروڙ جي لاڳت سان ٺھيل نئين بلڊنگ 15 ڏينھن ۾ ڏار پئجي ويا، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي امير علي پنھور ٻڌايو ته پرائمري اسڪول جا 5 ڪمرا ٺھڻا ھوندا آھن، ھنن 3 ڪمرا ٺاھيا، ناقص ميٽريل استعمال ٿيڻ ڪري 15 ڏينھن ۾ اسڪول جي بلڊنگ ڏار ھڻي وئي، ھن چيو ته منھنجي والد عمر پنھور جي نالي سان اسڪول جي بلڊنگ ڪرپشن جي ور چڙھي وئي، ھڪ ڪروڙ رپيا لاڳت واري بلڊنگ ۾ ڏار پئجي ويا، واضع رھي ته ڳوٺ جي اسڪول ۾ بلڊنگ ٺهڻ کان اڳ ۾ ٽينٽ ۾ ٻار پڙھندا ھئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے