welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نئون ديرو: ڏاهاڻي جيها تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ، راڪيٽ لانچر لڳڻ ڪري گهر تباهه

نئون ديرو:(سومر 05 مئي 2025ع)ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مراد ڏاهاڻي وٽ جيها ۽ ڏاهاڻي تڪرار ڀڙڪي اٿيو، ڌرين جي هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، جيها ڌر پاران ڏاهاڻي ڌر مٿان راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ويا.جڏهن ته راڪيٽ لانچر ڳوٺ مراد ڏاهاڻي واسي عبدالڪريم ڏاهاڻي جي گهر ۾ ڪرڻ ڪري گهر کي نقصان پهتو آهي. متاثر عبدالڪريم ڏاهاڻي ٻڌايو ته فائرنگ ۾ گولي لڳڻ ڪري هڪ مينهن مري وئي آهي، ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي پوليس اطلاع بعد علائقي جو چڪر لڳائي واپس موٽي وئي، اسان جو تڪرار سان ڪو تعلق ناهي پر ان باوجود جيها ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني ۽ راڪيٽ لانچر فائر ڪيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے