
اسلام آباد:(سومر 05 مئي 2025ع)بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت طرفان ڪنٽرول لائين جي ويجهو ڪنهن به هنڌ حملو ڪري سگهي ٿو، ڀارت کي انشاءَ الله منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.
هڪ بيان ۾ خواجه آصف چيو ته اطلاع مليا آهن ته ڀارت لائين آف ڪنٽرول جي ڀرپاسي ڪنهن به هنڌ حملو ڪري سگهي ٿو، پر پاڪستان ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڳ ئي عالمي سطح تي شفاف جاچ لاءِ بين الاقوامي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري چڪو آهي، جيڪو پهلگام واقعي جي جاچ ڪري.
هن چيو ته جاچ مان پتو پئجي ويندو ته ڀارت پاڻ ملوث آهي يا اتي ڪا ٻي ڌر ۽ اهو به واضع ٿي ويندو ته پاڪستان تي مڙهيل الزامن ۾ ڪيتري سچائي آهي.
بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته هاڻي فيصلو ٿيڻ گهرجي ته نريندر مودي سچ پيو ڳالهائي يا ڪوڙ پوءِ کيس چيو وڃي ته ” مودي، تون ڪوڙو آهين، سڄي دنيا جو امن خراب پيو ڪرين ۽ تو ننڍي کنڊ ايٽمي جنگ جي ڪنڌيءَ تي پهچائي ڇڏيو آهي.“
هن چيو ته مودي رڳو چونڊ کٽڻ لاءِ ڊرامو رچايو رهيو آهي، ڀارت خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته 2016ع ۽ 2017ع ۾ پاڪستان طرفان گڏيل قومن ۾ ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت پيش ڪيا ويا هئا، جن ۾ ويڊيوز به شامل هيون، جيڪي ٻڌائين ٿيون ته ڀارت ڪهڙي ريت ماڻهن کي پئسا ڏئي دهشتگردي ڪرائي ٿو.
خواجه آصف چيو ته اڄ به پاڪستان سان جيڪا دهشتگردي ٿي رهي آهي، اها افغانستان جي سرزمين تان ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڀارت ملوث آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language