ٻانڌي:(سومر 05 مئي 2025ع)ٻانڌي ڀرسان رحمان آباد ۾ تيز مٽي جي طوفان سبب گھر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻه ٻارڙا فوت خبر موجب: ٻانڌي ۾ مٽي جي تيز طوفان سبب رحمان آباد واسي اڪرم کوکر جي گھر جي ڇت ڪري پئي، ڇت ڪرڻ سبب سمورا گھر جا ڀاتي ملبي هيٺ دٻجي ويا.
ڌماڪي جو آواز ٻڌي پاڙي وارن پھچي گھر ڀاتين کي ملبي هيٺان ڪڍي رورل ھيلٿ سينٽر ٻانڌي پھچايو جتي نينگر ارسلان پٽ اڪرم کوکر ۽ 8 ورهين جي نينگري انشہ ڌي اڪرم کوکر فوت ٿي ويا آھن.
ٻئي پاسي زخمين جو علاج ھلندڙ آھي، جڏھن تہ فوت ٿيل ٻارڙن جي جنازي نمازہ ادا ڪئي وئي، علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language