
اسلام آباد:(جمعو آگسٽ 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تازين فليش فلڊنگ جي نتيجي ۾ وڏي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته پاڪ فوج سميت سمورا ادارا امدادي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن.
وفاقي ڪابينه جي اجلاس جي صدارت دوران وزيراعظم شهباز شريف شهيدن لاءِ فاتحه خواني ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪرائي.
وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ اسان بونير ويا هئاسين، جتي وڏي جاني نقصان ٿيو، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪيو آهي، جڏهن ته چيئرمين اين ڊي ايم اي متاثر علائقن ۾ امدادي سامان پهچايو آهي.
هن چيو ته افواج پاڪستان مشڪل حالتن ۾ به عوام جي مدد ڪري رهي آهي، فوج جو سربراهه پاڻ به ساڻس گڏ هو، ۽ ريسڪيو آپريشن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، فوج انتهائي ڏورانهن علائقن ۾ وڃي ماڻهن جون زندگيون بچايون آهن.
وزيراعظم چيو ته 2022ع ۾ به وڏي آفت آئي هئي، جنهن ۾ خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان متاثر ٿيا هئا، صرف سنڌ ۾ ئي 100 ڄڻا فوت ٿيا هئا، جڏهن ته هاڻوڪي سيلاب ۾ 700 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿي ويون آهن، خاص ڪري خيبر پختونخوا ۾ وڏي تباھي ٿي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اهڙي صورتحال ۾ وزارت موسمياتي تبديليءَ جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي، هاڻي سستي ۽ لاپرواهي جي ڪا به گنجائش ناهي، ادارن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ به ٽي ڏينهن اڳ گهڻي برسات پئي هئي جنهن تي هن وزيراعليٰ سنڌ ۽ بلاول ڀٽو سان افسوس جو اظهار ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته گليات ۾ وڻن جي وڏي پئماني تي ڪٽائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اڳ اهو علائقو اهڙو هو جتي هڪ به وڻ ڪرائي نه سگهجي ها، اڄ حالت اها آهي جو ڏسي دل خون جا ڳوڙها روئي ٿي.
هن واضح ڪيو ته هڪ وڏي اجلاس ۾ فيصلا ڪرڻا پوندا ته ڇا اسان کي فطرتي حسن گهرجي يا انساني زندگيون بچائڻ، ڇو ته اها اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language