
ڪولمبو:(جمعو آگسٽ 2025ع)سري لنڪا کي مالي ۽ سياسي بحران مان ڪڍڻ وارو اڳوڻو صدر رانيـل وڪرما سنگھـه ڪرپشن الزام تحت پوليس پاران گرفتار ڪيو ويو آهي.
عالمي خبرن موجب فوجداري تحقيقات جي شعبي (CID) جي هڪ سينيئر آفيسر پاران وڪرما سنگهه کي ڪولمبو فورٽ جي مجسٽرٽ اڳيان پيش ڪيو پيو وڃي، جتي ستمبر 2023ع ۾ پنهنجي دور جي صدارت دوران مبينا طور تي سرڪاري وسيلن کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ تي عدالتي عمل لاڳو ٿي سگهي ٿو.
رپورٽ مطابق وڪرما سنگهه جي الزامن ۾ شامل آهي، ته هن پنهنجي گهرواري سان گڏ برطانيا جي خانگي دوري لاءِ رياستي فنڊ استعمال ڪيا، جڏهن هن ڪيوبا ۾ منعقد ٿيندڙ جي 77 اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ لنڊن ۾ قيام ڪيو هو، جتي سندس زال ميثري وولور هيمپٽن يونيورسٽي جي تقريب ۾ شامل ٿي هئي.
ٻئي طرف وڪرما سنگهه جو موقف آهي ته سندس زال پنهنجا سمورا سفري خرچ ذاتي طور تي برداشت ڪيا، ۽ ڪنهن به سرڪاري فنڊ جو غلط استعمال نه ٿيو.
رانيـل وڪرما سنگهه، جيڪو يونائيٽيڊ نيشنل پارٽي (UNP) جو سربراهه آهي، سري لنڪا جي سياست ۾ ڊگهي ڪيريئر رکي ٿو، 1993ع ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم بڻيو ۽ ڪيترائي ڀيرا مختلف دورن ۾ انهي عهدي تي رهيو.
جولاءِ 2022ع ۾ جڏهن ملڪ بدترين مالي بحران ۽ عوامي احتجاجن ۾ گهيريل هو، تڏهن صدر گوتابايا راجا پڪسا استعيفيٰ ڏني ۽ پارليامينٽ وڪرما سنگهه کي صدر چونڊيو، سندس دور ۾ سري لنڪا ڊالر جي کوٽ سبب ڊيفالٽ ٿي ويو هو، پر سخت معاشي سڌارن ۽ عالمي مالي ادارن سان معاهدن وسيلي ملڪ کي استحڪام ڏانهن آندو، پر ستمبر 2023ع ۾ ٻيهر صدارتي چونڊ وڙهندي وڪرما سنگهه کي شڪست ملي هئي، ۽ هاڻي هو ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ٿي چڪو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language