
سيوھڻ:(جمعو آگسٽ 2025ع)سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ جي گائني وارڊ ۾ ڊاڪٽرياڻين جي غفلت سبب ڊليوري لاءِ آيل عورت فوت، فوتي عورت جي وارثن جو ڊاڪٽرياڻين ۽ عملي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج، انصاف ڏيارڻ جو مطالبو.
ان موقعي تي نئين آبادي جي رهواسي شفيق احمد ڪٽوهڙ، صدام حسين ڪٽوهڙ ۽ توفيق احمد ڪٽوهڙ معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو، ته 15 ڏينهن اڳ ڊليوري جي لاء مسمات شبانا زال صدام ڪٽوهڙ سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس سيوهڻ کڻي آياسين جتي ڊاڪٽرياڻين نارم ڊليوري هوندي به سيزر ڪيو بعد ۾ ڄاڻايل ناري جي طبيعت انتهائي خراب ٿي وئي، ان کانپوءِ وري ٻيهر ٽيسٽون ۽ الٽراسائوڊ ڪرايو ويو، جنهن بعد تصديق ڪئي وئي ته آپريشن دوران اوزار هجي وئي آهي، جنهن جي ڪري مريض جي جسم ۾ 80 پرسنٽ زهر ڦهلجي ويو، ۽ ٻيهر آپريشن ڪرڻو پوندو، ٻيو دفعو آپريشن دوران ٽن ٻارڙن جي ماءُ فوت ٿي وئي.
هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي بار بار پڇڻ تي به ڊاڪٽرياڻين ماجده پروين ڪوريجو، ناياب سليم ميمڻ ۽ مڊوائيف سائرا اسلم ميمڻ چيو ته ڪو مسئلو ناهي اوهان جو مريض بلڪل صحيح آهي، پر گائني ۾ موجود ڄاڻايل ڊاڪٽرياڻين جي لاپرواهي ۽ غفلت سبب اسان جي عورت فوت ٿي وئي آهي.
هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، هيلٿ منسٽر عذراه پيچوهو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته لاپرواهي ۽ غفلت ڪندڙ مٿي ڄاڻايل ڊاڪٽرياڻين خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ انڊس هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏينداسين.
0 تبصرے
Do not use vulgar language