اسلام آباد:(جمعو آگسٽ 2025ع)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن تڪراري معاملن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون.
ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪ - ڀارت جنگبندي تي عمل جاري آهي، جنگبندي لاءِ ڀارت آمريڪا کان درخواست ڪئي هئي، ۽ مون کي واشنگٽن کان فون آيو هو، جنهن وقت مون واضح ڪيو، هو ته پاڪستان ته جنگ چاهي ئي ڪونه ٿو.
هن چيو ته اسان ڪنهن کان اهو نه چيو هو ته اسان کي ڀارت سان ويهاڙيو، پر جيڪڏهن ڪنهن غيرجانبدار هنڌ تي ملاقات ٿيندي ته اسان تيار آهيون، پر اها ملاقات ڪنهن هڪ نڪتي ايجنڊا تي نه هوندي، ڳالهه ٻولهه ۾ ڪشمير سميت سڀ تڪراري معاملا شامل هوندا.
نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڀارت طرفان غير ضروري بيان بازي جاري رهي ٿي، جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جي دورو اڃا شيڊول نه آهي.
اسحاق ڊار ٻڌايو ته جلد ئي منهنجو بنگلاديش جو ٻن ڏينهن جو دورو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ بنگلاديش کي وڌيڪ قريب آڻڻ آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language