
اسلام آباد:(جمعو آگسٽ 2025ع)وفاقي حڪومت قومي آمدني جي صوبن ۾ ورهاست لاءِ نئون اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ يارهون قومي مالياتي ڪميشن جوڙي ڇڏيو، جنهن جو چيئرمين وفاقي وزير خزانه هوندو، ڪميشن ۾ 9 ميمبر شامل ڪيا ويا آهن.
وزارت خزانه جي نوٽيفڪيشن موجب آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 160 جي شق (1) تحت صدر مملڪت فوري طور تي يارهين نيشنل فنانس ڪميشن (NFC) جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان سان گڏ 21 جولاءِ 2020ع وارو پراڻو نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيو ويو آهي، ۽ اڳ جي ڪميشن جو هاڻي ختم تصور ٿيندو.
نوٽيفڪيشن موجب، وفاقي وزير خزانه اين ايف سي جو چيئرمين هوندو، جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جا وزراءِ خزانه ڪميشن جا ميمبر هوندا، ان کان علاوه پنجاب مان ناصر محمود کوسه، سنڌ مان ڊاڪٽر اسد سعيد، خيبرپختونخوا مان ڊاڪٽر مشرف رسول سيان ۽ بلوچستان مان فرمان الله پڻ رڪن طور شامل ڪيا ويا آهن.
آرٽيڪل 160 جي شق (2) تحت اين ايف سي جا بنيادي مقصد آهن، وفاق ۽ صوبن ۾ ٽيڪسن جي خالص آمدني جي ورهاست، وفاق کان صوبن کي گرانٽ ڏيڻ، قرض وٺڻ جا اختيار، خرچن ۾ شراڪت، بين الصوبائي معاملن تي خرچ جي ورهاست، قومي منصوبن لاءِ گڏيل مالي ذميواري، ۽ صدر مملڪت طرفان موڪليل مالي معاملن تي سفارشون ڏيڻ، خزانه ڊويزن، ڪميشن لاءِ سيڪريٽريٽ جي سهولتون فراهم ڪندو.
ذريعن موجب گذريل ڪيترن ئي سالن کان پراڻي اين ايف سي ايوارڊ تحت ئي صوبن ۾ آمدني ورهائجي رهي هئي، ۽ صوبن طرفان نئين ايوارڊ جو مطالبو ٿي رهيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مالي فنڊ (آءِ ايم ايف) طرفان به خرچ گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ۽ وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي دٻاءَ تي ئي واضح بچت واري منصوبي تي عمل شروع ڪيو آهي.
ان حوالي سان صوبن جو حصو گهٽائڻ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير لاءِ فنڊ رکڻ، ۽ ڪارڪردگي سان ڪنهن شرط تي فنڊ ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، سنڌ اڳ ۾ ئي صوبائي حصو گهٽائڻ واري تجويز کي رد ڪري چڪي آهي.
وفاقي حڪومت موجب گذريل مالي سال ۾ 7 هزار 444 ارب رپين جو خسارو ٿيو، جڏهن ته جاري مالي سال لاءِ خساري جو اندازو 6 هزار 501 ارب رپيا آهي، رڳو قرضن جي سود لاءِ ئي 8 هزار 207 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
ذريعن موجب، اين ايف سي ۾ صوبن کي ڏنل 57.5 سيڪڙو حصي تي نظرثاني ضروري قرار ڏني وئي آهي، جڏهن ته وڏن ڊيمز جهڙوڪ ديامر ڀاشا ڊيم لاءِ به اين ايف سي مان حصو ڪڍڻ جي تجويز آهي، نئين فارمول ۾ آبادي جي بنياد تي وزن گهٽائڻ ۽ ٻين شعبن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي فنڊ ڏيڻ جي سفارش به شامل آهي.
نئون اين ايف سي انهن سڀني تجويزن جو جائزو وٺندو ۽ وفاق ۽ صوبن جي گڏيل صلاح مشوري سان نئون اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language