
لاھور:(جمعو آگسٽ 2025ع)آمريڪي قونصليٽ جنرل، چائلڊ پروٽيڪشن اينڊ ويلفيئر بيوورو پنجاب جي چيئرپرسن سارھ احمد جي ڪم جي تعريف ڪندي چيو آهي ته هوءَ پاڪستان ۾ آمريڪي ايڪسچينج پروگرام جي المنا جي حيثيت ۾ ڪميونٽيز ۾ تبديلي آڻڻ جو عملي مظاهرو ڪري رهي آهي.
لاهور ۾ آمريڪي قونصليٽ جنرل پاران سماجي رابطن جي ويب سائيٽ "ايڪس" تي جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو ته قونصل جنرل اسٽيٽسن سينڊرز، سارھ احمد سان ملاقات ڪئي.
بيان موجب، ملاقات جو مقصد پنجاب ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ سارھ احمد جي اڳواڻي ۾ جاري قدمن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ هو.
آمريڪي قونصليٽ موجب، سارھ احمد 2019 کان بيوورو جي سربراهه آهن، ۽ سندن اڳواڻي ۾ اسڪولن ۽ ضلعي سطح تي قائم پروٽيڪشن يونٽن ذريعي آگاهي مهم هلايون وڃن ٿيون، عالمي يَومِ اطفال تي صوبائي سطح تي ڪانفرنسون ڪرايون وڃن ٿيون، جڏهن ته ٻارن کي ڀڪاري بڻائڻ خلاف مهم به جاري آهي۔
قونصليٽ وڌيڪ چيو ته سارھ احمد جا قدم معاشري جي انتهائي ڪمزور فردن جي تحفظ لاءِ آهن، ۽ اهو ڪم آمريڪي ايڪسچينج پروگرام جي اثرائتي ڪاميابين جو حصو آهي، جنهن سان هر فرد جي ذاتي حيثيت تي ڪميونٽيز ۾ مثبت تبديلي اچي رهي آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته سارھ احمد جو ڪم ان ڳالهه جي بهترين مثال آهي، ته آمريڪي ايڪسچينج پروگرام ڪيئن ڊگهي مدي وارا اثر ڇڏي ٿو، ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ اسان جي گڏيل مقصدن، موقعن ۽ ترقي ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language