welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عليمه خان جو ٻيو پٽ به گرفتار

لاھور:(جمعو آگسٽ 2025ع)باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جو ٻيو پٽ به گرفتار ٿيڻ جون خبرون سامهون آيون آهن. ذريعن موجب عليمه خان جو پٽ شير شاهه کي گهر کان ٻاهر تي گرفتار ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته جڏهن شير شاهه کي گرفتار ڪيو ويو، تڏهن هو پنهنجي والد سان گڏ عدالت مان واپس اچي رهيو هو. گرفتار ڪرڻ وارا ساڳيا ئي ماڻهو هئا، جن گذريل ڏينهن عليمه خان جي وڏي پٽ شاھ ريز خان کي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته ان وقت پوليس به موجود هئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ئي عمران خان جو ڀاڻيجو ۽ عليمه خان جو وڏو پٽ شاھ ريز خان گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے