welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نيوسعيدآباد: بجليءَ جي پول جي مرمت دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب لائن مين فوت

نيوسعيدآباد:(جمعو آگسٽ 2025ع)ڳوٺ درگاھ شريف پير جھنڊو وٽ بجليءَ جي پول تي ڪم ڪرڻ دوران حيسڪو نيوسعيدآباد جو لائن مين بلاول ابڙيجو ڪرنٽ لڳڻ سبب هيٺ زمين تي ڪري پيو، جنهن کي بيهوشي واري حالت ۾ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. فوتي لائين مين جي وارثن احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي، ته گرڊ اسٽيشن بکرجمالي جي عملي جي نااهلي سبب واقعو پيش آيو آھي. گرڊ اسٽيشن تي اطلاع ڪري بجلي بند ڪرائي وئي، جنهن بعد مرمتي ڪم شروع ڪيو، ته اوچتو بجلي اچي وئي، جنھن ڪري ڪرنٽ لڳڻ ڪري لائين مين فوت ٿيوآھي. هنن گهر ڪئي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے