ڪراچي:(جمعو آگسٽ 2025ع)ڪراچي ايئرپورٽ تي مسافرن جي وڌندڙ رش ۽ ايف آءِ اي عملي جي مبينه غفلت سبب قتل ۾ گهربل جوابدار ايف آءِ اي اميگريشن جي قيد مان فرار ٿي ويو، جنهن بعد هڪ خاتون انچارج ۽ هيڊ ڪانسٽيبل کي معطل ڪري ڇڏيو.
اطلاع موجب 12 آگسٽ تي عبدالصمد نالي مسافر کي سعودي عرب وڃڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن خلاف خيرپور ۾ قتل جو ڪيس داخل آهي، ۽ هو ايف آءِ اي جي مينول لسٽ ۾ پڻ شامل هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رات جي شفٽ ۾ مسافرن جي تمام گهڻي رش جو فائدو وٺي، جوابدار هٿڪڙي سميت ٻاهر نڪري ويو، جڏهن ته ٻاهر نڪرندي ٻين ادارن به کيس چيڪ نه ڪيو.
واقعي بعد ايف آءِ اي جي معطل آفيسر ۽ اهلڪار خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته معطل ٿيل عملدارن کي زونل آفيس رپورٽ ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language