ميرپورخاس:(جمعو آگسٽ 2025ع)پوليس اھلڪار جو لاش سول اسپتال جي پراڻي عمارت ۾ اڻڄاتل رڪشا سوار ھڪ شخص ايمرجنسي وارڊ ۾ ڇڏي روانو ٿي ويو، جنھن جي سڃاڻپ سمن آباد واسي پوليس اھلڪار محمد اشرف آرائين طور ٿي آھي، جيڪو ميرپورخاص پوليس لائين ۾ مقرر ٿيل ھو.
اسپتال ۾ موجود فوتي جي ڀاءُ بلال آرائين ٻڌايو ته اڻڄاتل رڪشا سوار سندس ڀاءُ جو لاش اھو چئي ڇڏي ويو، ته لاش رستي ۾ پيل ھو، جنھن کي انسانيت ناتي ھو ھتي کڻي آيو آھي، پر ھن اھو نه ٻڌايو ته لاش ڪھڙي ھنڌان مليو آھي.
بلال آرائين موجب سندس ڀاءُ ڪجھ سال اڳ نشو ڪندو ھو، جيڪو ھن بعد ۾ ڇڏي ڏنو ۽ ڪافي عرصي کان سخت بيمار ھو.
ھن اھو پڻ ٻڌايو ته سندس ڀاءُ 10 ڏينھن کان بيماريءَ سبب ڊيوٽي تي نه ٿيندو ھو، ۽ ڪالھ ھو گھران نڪري ويو ھو، اڄ کين اطلاع مليو آھي ته سندس ڀاءُ جو لاش اسپتال ۾ پيل
0 تبصرے
Do not use vulgar language