لاھور:(جمعو آگسٽ 2025ع)ماضي جي ناميارن اداڪارن مان هڪ ببرڪ شاهه ڀارتي اداڪاره شيبا ڀاڪڙي سان شادي نه ڪرڻ جي حقيقي بابت وڏو انڪشاف ڪيو آهي.
ببرڪ شاهه تازو ئي هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت دوران پنهنجي ماضي ۽ فلمي ڪيريئر بابت ڳالهيون ڪيون.
ميزبان طرفان ڀارتي اداڪاره شيبا ڀاڪڙي جي شاديءَ واري آڇ بابت سوال تي ببرڪ شاهه چيو ته شيبا مونکي شاديءَ جي آڇ ڪئي هئي، پر مان ڀارت ۾ رهي نٿو سگهان.
هن ٻڌايو ته هو فلم جي حوالي سان ڀارت جي شهر ممبئي ويو هو، جتي شيبا ڀاڪڙي رهندي هئي، ۽ ڪيترائي مهينا اسان گڏ به گذاريا.
ببرڪ شاهه وڌيڪ انڪشاف ڪندي چيو ته ڀارتي اداڪاره اسلام قبول ڪرڻ جي ڳالهه به ڪئي، ۽ مونکي ڪلمو پڙهي ٻڌايو، پر ڀارت جو ماحول بلڪل مختلف آهي، جنهن ۾ مان رهي نه ٿو سگهان.
0 تبصرے
Do not use vulgar language