
حيدرآباد:(جمعو آگسٽ 2025ع)سنڌ ھاء ڪورٽ، وٽنري 17ھين گريڊ آفيسرن جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀرٿين ۾ ميرٽ جي لتاڙ من پسند اميدوارن کي پاس ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي، چيف سيڪريٽري سنڌ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن چيئرمين، سيڪريٽري، ڪنٽرولر ۽ ڊاڪٽر مبارڪ جتوئي ڊائريڪٽر جنرل لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ڊپارٽمينٽ کي نوٽيس جاري ڪندي، ڪميشن پاران سنڌ سرڪار کي اماڻيل ڀرتين واري سمري تي ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي ان سلسلي ۾ سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي جسٽس مبين لاکو ۽ جسٽس رياضت علي ساھڙ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار ڊاڪٽر مانجھي جتوئي، ڊاڪٽر ابرار الحسن راجپوت، ڊاڪٽر فضا احمد، ڊاڪٽر روطبا رحمان ميمڻ، ڊاڪٽر باڪ امداد ويسر، ڊاڪٽر سميا، ڊاڪٽر تمسيل سليم، ڊاڪٽر اعجاز خان، ڊاڪٽر فضا جمالي، ڊاڪٽر شاھ فھد، ڊاڪٽر ڪائنات، ڊاڪٽر ھورگونداس، ڊاڪٽر دانش پرڪاش سميت 14 درخواستگذار پنھنجي وڪيل ايڊووڪيٽ آيت الله خواجه معرفت داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ھر ڀرتين ۾ لکت جون گھڻيون مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي انٽرويو نتيجن ۾ فيل ۽ لکت ۾ گھٽ مارڪون کڻندڙ کي انٽرويو نتيجن ۾ پاس ڪري ٿي، خبر ناھي ته اھو ڪھڙو فارمولو آھي. وٽنري آفيسر جي ڀرٿين ۾ فيل اميدوارن جا نتيجا پڌرا ناھن ڪيا ويا سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھاء ڪورٽ جي ڏنل فيصلن تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن انتظاميا ھر کاتي جي ڀرتين جي نتيجن ۾ عدالتي حڪم ھوا ۾ اڏائي ڇڏيا آھن جڏھن ته 14 درخواستگذار مان 2 درخواستگذار جيڪي پنهنجي اڪيڊمڪ ڪيريئر ۾ ھو گولڊ ۽ سلور ميڊل رھيا آھن جڏھن ته ساڳئي ڀرٿي ۾ ڪميشن انتظاميا ملڪ جي ٻين صوبن جي من پسند اميدوارن کي فائدو ڏيڻ لاءِ کين ڀرتي ڪيو ڄاڻايل ڀرتي ۾ درخواستگذار وڪيل نشاندهي ڪئي ته 2 اميدوار اھڙا آھن جن جو شروعاتي اڪيڊمڪ ڪيريئر کان وٺي اشتھار مطابق سمورو رڪارڊ تبديل ڪري 2 في ميل اميدوارن جا ڪوڙا ڪاغذ ٺاھي ڀرٿي ۾ کين پاس ڄاڻايو ويو آھي. دليلن بعد عدالت سمري تي ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏيندي 9 سيپٽمبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language