
ڪراچي:(جمعو آگسٽ 2025ع)ملڪ جي اترين ۽ وچولي علائقن ۾ 23 آگسٽ کان 27 آگسٽ تائين تيز هوا، گجگوڙ سان گڏ وقفي وقفي سان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب 22 آگسٽ کان عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال مان اچڻ واريون تيز مونسون هوائون ملڪ جي اترين حصن ۾ داخل ٿينديون، جڏهن ته مغربي هوائون به ساڳئي ڏينهن رات کان اثرانداز ٿيڻ شروع ٿينديون.
سنڌ ۽ بلوچستان: سنڌ ۽ اوڀر ڏاکڻي بلوچستان ۾ 27 کان 29 آگسٽ دوران تيز برساتن جو امڪان آهي.
سنڌ جي شهرن مٺي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ 23 آگسٽ جي شام يا رات کان 26 آگسٽ تائين تيز هوا ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
بلوچستان ۾ بارکان، موساخيل، لورالائي، سبي، ثوب، قلات ۽ خضدار ۾ به 23 کان 26 آگسٽ تائين برساتون وسنديون.
گلگت بلتستان ضلع ديامر، استور، غذر، اسڪارڊو، هنزہ، گلگت، گانڇي ۽ شگر ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان گڏ وقفي وقفي سان برساتون ۽ ڪجهه هنڌن تي زوردار برسات جو امڪان آهي.
خيبرپختونخوا 23 کان 26 آگسٽ دوران دير، چترال، سوات، شانگله، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد، هريپور، بونير، ملاڪنڊ، باجوڙ، مهمند، ڪوهاٽ، پشاور، چارسده، نوشهرو، مردان، صوابي، ڪرم، هُنگو، ڪرڪ، بنون، لڪي مروت، وزيرستان، ٽانڪ ۽ ڊي آءِ خان ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان گڏ برساتن جو سلسلو جاري رهندو.
پنجاب ۽ اسلام آباد: اسلام آباد، راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، گجرات، گوجرانواله، لاهور، قصور، فيصل آباد، ساهيوال ۽ ٻين شهرن ۾ 23 کان 27 آگسٽ تائين تيز هوا ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
جڏهن ته 24 ۽ 27 آگسٽ تي ڊي جي خان، ڀکر، ليا، ملتان، بهاولپور، رحيم يار خان ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته تيز برساتن سبب چترال، سوات، مانسهره، مري، گليات، اسلام آباد، پنجاب جا اتر-اوڀر علائقا ۽ ڪشمير ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي.
عوام کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، مسافر ۽ سياح پنهنجو سفر موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪن، برساتي نالن ۽ ندي نالن کان پاسو ڪرڻ ۽ موسمي اڳڪٿين تي ڌيان ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language