
ڪراچي:(جمعو آگسٽ 2025ع)سنڌ حڪومت طرفان پوليس جي تحقيق جي صلاحيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ 2 هزار اي ايس آئي انويسٽيگيشن جي ڀرتي جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔
چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آئي جي سنڌ غلام نبي ميمن، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري داخلا محمد اقبال ميمن، سيڪريٽري سروسز ۽ ٻيا اعليٰ عملدارن شريڪ ڪئي.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته پوليس فورس جي تفتیشي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ 2 هزار اي ايس آئي انويسٽيگيشن ڀرتي ڪيا ويندا، ڇو ته جيڪڏهن پوليس ۾ تفتیش جو نظام مضبوط ٿيندو ته عوام جو اعتماد به وڌندو۔
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو اهو قدم پوليس جي تحقيقاتي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ انتهائي اهم آهي، ۽ بهترين جاچ جي نظام سان شهري فوري انصاف حاصل ڪري سگهندا ۽ ڏوهن ۾ نمايان گهٽتائي ممڪن ٿيندي.
چيف سيڪريٽري سنڌ سيڪريٽري سروسز کي هدايت ڪئي ته ڀرتي جي عمل ۾ سڀئي رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن.
ان موقعي تي آئي جي سنڌ غلام نبي ميمن چيو ته پوليس ۾ اي ايس آئي انويسٽيگيشن جي ڀرتي سان جاچ جي معيار ۾ نمايان سڌارو ايندو، جنهن سان انصاف جي فراهمي ۽ ڏوهارين جي گرفتاري ممڪن بڻجي سگهندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language