welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حملي جا سائرن وڄي ویا، اسرائيلي هوائي اڏو بند

بنگورين:(آچر 13 اپريل 2025ع)هوائي حملي جي سائرن جي ڪري بين گوريون ايئرپورٽ بند ڪيو ويو. بين الاقوامي ميڊيا جي رپورٽن موجب، يروشلم ۽ تل ابيب ۾ هوائي حملي جا سائرن وڄايا ويا، ۽ خطري جي ڪري اسرائيل جو سڀ کان وڏو هوائي اڏو بند ڪيو ويو. اسرائيلي پوليس ٻڌايو آهي ته اهي علائقي ۾ ممڪن راڪيٽ اثر واري هنڌن جي ڳولا ڪري رهيا آهن ۽ رهواسين کي محفوظ علائقن ۾ رهڻ جي تلقين ڪئي آهي. اسرائيل جي بين گوريون انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سائرن جي ڪري ٽيڪ آف ۽ لينڊنگ ملتوي ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے