welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پي ايس ايل 10: لاهور قلندرز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي شڪست ڏئي ڇڏي

راولپنڊي:(آچر 13 اپريل 2025ع)پاڪستان سپر ليگ جي پنهنجي ٻئي ميچ ۾ لاهور قلندرز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 79 رنسن تان شڪست ڏئي فتح جو مزو چکيو. تفصيل موجب لاهور قلندرز جي ڏنل 220 رنسن جي هدف جي پيروي ڪندي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز 140 رنسن تي ڍير ٿي وئي. رائلي روسو 44 ۽ ڪوشل مينڊس 28 رنسون ٺاهي ڪجهه مزاحمت ڪئي. ڪوئيٽا جا ڇهه رانديگر ٻٽي انگن تائين به نه پهچي سگهيا. آل رائونڊر فهيم اشرف 22 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ آخري آئوٽ ٿيو، شعيب ملڪ 14 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ۽ عقيل حسين 13 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ آئوٽ ٿيو. لاهور لاءِ رشاد حسين سٺي بالنگ ڪئي، 31 رنسون ڏنيون ۽ ڪوئيٽا جي 3 بيٽسمينن کي آئوٽ ڪيو. شاهين آفريدي، سڪندر رضا ۽ آصف آفريدي 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ان کان اڳ، لاهور قلندرز پهرين بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 219 رنسون ٺاهيون. جارحاڻي بيٽسمين فخر زمان 39 بالن تي 67 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته سام بلنگز 19 بالن تي 50 رنسن جي جارحاڻي اننگز سان لاهور کي وڏو مجموعو ٺاهڻ جو موقعو ڏنو. لاهور لاءِ اوپنرز عبدالله شفيق ۽ ڊيرل مچل 37-37 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته سڪندر رضا صرف 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز لاءِ ابرار احمد ۽ عقيل حسين 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته عثمان طارق ۽ فهيم اشرف هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے