welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪا جو يوڪرين کان روسي گئس کڻي ويندڙ پائيپ لائين جو ڪنٽرول واپس وٺڻ جو مطالبو

واشنگٽن:(آچر 13 اپريل 2025ع)آمريڪا يوڪرين کان روسي گئس کڻي ويندڙ هڪ اهم پائيپ لائين جي ڪنٽرول جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، آمريڪي عملدارن معدنيات جي معاهدي لاءِ ڳالهين ۾ يوڪريني عملدارن کي ٻڌايو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ چاهي ٿو ته ڪيف هٿيارن جي بدلي ۾ پنهنجا قدرتي وسيلا آمريڪا جي حوالي ڪري. تازي دستاويز ۾ هڪ مطالبو شامل آهي ته آمريڪي حڪومت جي انٽرنيشنل ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (IDFC) يوڪرين ۾ قدرتي گئس پائيپ لائين جو ڪنٽرول وٺي. ڪيو ٿنڪ ٽينڪ سينٽر فار اڪنامڪ اسٽريٽجي جي هڪ سينئر معاشي ماهر وولوديمير لينڊا آمريڪي مطالبي کي نوآبادياتي طرز جي بدمعاشي قرار ڏنو آهي. هن چيو ته زيلنسڪي آمريڪا کي پوئتي پيل معدني شعبا ڏيڻ چاهي ٿو، ۽ بدلي ۾ آمريڪا کان هٿيار ۽ منافعي بخش سيڙپڪاري چاهي ٿو. يوڪريني صدر وولوديمير زيلنسڪي جو چوڻ آهي ته هو برابري ۽ 50:50 آمدني جي حصيداري تي ٻڌل معاهدي لاءِ تيار آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اولهه روس جي شهر سوڊزي کان يوڪريني شهر اوزهوروڊ تائين پکڙيل 750 ميل ڊگهي گئس پائيپ لائين يورپي يونين ۽ سلوواڪيا جي سرحد تي واقع آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے