welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مصطفيٰ قتل ڪيس: اهم گواهه عدالت ۾ جوابدار ارمغان ۽ شيراز جي سڃاڻپ ڪري ورتي

ڪراچي: (خميس 27 فيبروري 2025ع)مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي اهم گواهه ۽ جوابدار ارمغان جي ملازم قتل ڪيس ۾ نامزد ارمغان ۽ شيراز جي عدالت ۾ سڃاڻپ ڪري ورتي. ڪراچي جي جوڊيشل مئسجٽريٽ جي عدالت ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران جوابدار ارمغان جي ملازم ۽ ڪيس جي اهم گواهه غلام مصطفيٰ جو بيان قلمبند ڪيو ويو. گواهه غلام مصطفيٰ ٻڌايو ته 6 جنوري جي رات 9 وڳي هڪ ڇوڪرو آيو هو جنهن جي لاءِ اسان دروازو کوليو هو، ڇوڪري کي ٽائوزر پاتل هو ۽ جيڪٽ ۾ هو مون انهي جي شڪل نه ڏٺي هئي. ملازم عدالت کي ٻڌايو ته هڪ ڏيڍ ڪلاڪ بعد گارين جي آواز آئي جنهن کان پوءِ 2 کان 3 فائز جا آواز آيا، اسان ٻئي ڄڻا ڪمري مان ٻاهر اچي ويا هئاسين، مان پنهنجي ڪمري ۾ وڃي سمهي رهيس، ننڊ نه اچي رهي هئي. فجر جي نماز پڙهي ۽ پوءِ ڏينهن جو هڪ ڏيڍ وڳي اٿيس ته ارمغان ۽ ان جو دوست موجود هئا، اسان کي مٿي وڃڻ جي اجازت نه هئي، پاڻي ۽ ماني جي لاءِ به فون ڪندا هئاسين. گواهه وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پوليس ڇاپو هنيو جنهن دوران فائرنگ شروع ٿي وئي هئي، اسان پنهنجي ڪمري ۾ لڪل هئاسين جنهن کان پوءِ اسان ڊڄي ٻاهر نڪري وياسين، 10 تاريخ تي سامان کڻڻ بنگلي تي آياسين ته پوليس اسان کي پڪڙي ورتو. ارمغان جي ملازم عدالت ۾ چيو ته جيڪو واقعو ٿيو اهو اسان پوليس کي ٻڌائي ڇڏيو هو، پوليس انهي رات اسان کي بنگلي تي کڻي وئي هئي، اسان پوليس کي رت جا نشان ڏيکاريا، پوليس اسان کي انهي ئي رات کڻي وئي ۽ موبائل نمبر وٺي ڇڏي ڏنو هو پر بعد ۾ پوليس اسان کي فون ڪري گهرايو. جنهن کان پوءِ عدالت گواهه کان پڇو ته ڏسو جوابدار هتي موجود آهن؟ جنهن تي گواهه غلام مصطفيٰ عدالت ۾ جوابدار ارمغان ۽ شيراز جي سڃاڻپ ڪري ورتي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے