welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان ۽ بنگلاديش جو ميچ برسات سبب ملتوي، قومي ٽيم جو چيمپين ٽرافي جو سفر بنا ڪنهن ميچ کٽڻ جي ختم

راولپنڊي: (خميس 27 فيبروري 2025ع)چيمپين ٽرافي جو نائون ميچ جيڪو پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏڻو هو برسات سبب ملتوي ڪيو ويو آهي. راولپنڊي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا جو ميچ به برسات سبب ملتوي ٿي ويو هو. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ميچ ٻنپهرن جو 2 وڳي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيڻو هو، جيڪو برسات سبب شروع نه ٿي سگهيو. ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو آهي. ٻئي ٽيمون چيمپين ٽرافي کان ٻاهر ٿي ويون آهن. دفاعي چيمپين ۽ ميزبان پاڪستان جو چيمپين ٽرافي ۾ بنا ڪنهن ميچ کٽڻ جي سفر ختم ٿي ويو. قومي ٽيم پنهنجو پهريون ميچ نيوزيلينڊ ۽ ٻيو ڀارت سان کيڏيو هو انهن ٻنهي ميچ ۾ کين شڪست ملي، ٽيون ميچ برسات سبب ملتوي ٿي ويو. هڪ پوائنٽ ملڻ جي باوجود پاڪستاني ٽيم پنهنجي گروپ ۾ آخري نمبر تي آهي. ڀارت ۽ نيوزيلينڊ گروپ اي مان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے