
ڪراچي: (خميس 27 فيبروري 2025ع)سنڌ ۾ انساني حقن واري ڪميشن جي سربراھ اقبال ڏيٿو خلاف چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم انڪوائري مڪمل ڪري رپورٽ اماڻي ڇڏي. ذريعن موجب انڪوائري ڪميٽي پاران سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو سميت ڪميشن جي 8 ميمبرن جا بيان رڪارڊ ڪيا. جڏهن ته اقبال ڏيٿو خلاف شڪايتي خط لکندڙ نيشنل ھيومن رائٽس ڪميشن جي ميمڀر انيس ھارون، مھناز رحمان ۽ رياض شيخ جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا۔ اھڙي ريت اقبال ڏيٿو خلاف حراسمينٽ جي شڪايت ڪندڙ ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو ۽ شيرين ناريجو پڻ پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا. ذريعن موجب سي ايم آئي ٽي پاران ڪميشن جي ميمبرن جي رڪارڊ ڪيل بيان ۾ ميمبرن پاران بورڊ جي گڏجاڻي نه ڪوٺائڻ واري لڳايل الزامن تي پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو آھي ته جڏهن چيئرمين بورڊ جي گڏجاڻي نه ڪوٺائي ته قانون موجب ٽي ميمبر گڏجي ليٽر لکي گڏجاڻي ڪوٺائي پئي سگھيا پر اھو قانوني رستو ڪنهن به ميمبر اختيار نه ڪيو ـ اھڙي ريت انيس ھارون پاران لڳايل الزامن ۾ ڄاڻايو ويو ھو ته ھن ڪنهن اين جي او کان گاڏي ورتي آھي۔ جيڪا ھن وقت پڻ استعمال ھيٺ آھي۔ ذريعن موجب ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو ۽ شيرين اسد جي لڳايل الزامن بابت ڪميشن لکيو آھي ته انھن اڳ ۾ ڪم واري ھنڌ تي حراساني کي روڪڻ بابت محتسب وٽ درخواست داخل ڪرائي آھي جتي ھڪ شنوائي ٿي چڪي آھي انھي ڪري ان معاملي تي انڪوائري ڪميٽي پنهنجي راءِ محفوظ ڪري ٿي۔ ذريعن موجب سي ايم آءِ ٽي لکيو آھي ته اقبال ڏيٿو پاران ڪنسلٽنٽ جي مقرري غير قانوني طريقي سان ڪئي وئي آهي ۽ ھن بورڊ جون گڏجاڻيون ڪوٺائڻ بنا بجيٽ پڻ پاس ڪرائي ـ ڪميشن جي چيئرمين پنهنجي ڏنل بيان توڙي ميمبرن جي بيانن مان اھو ثابت ٿيو آهي ته ڪميشن جي سربراھ ڪيترن ئي ھنڌن تي سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن ايڪٽ 2011 ۽ ترميمي قانون 2022 جي جوڙيل قانون جي خلاف ورزي ڪئي آھي ـ27 صفحن تي مشتمل اھڙي رپورٽ سي ايم آءِ ٽي پاران سنڌ حڪومت ڏانهن اماڻي وئي آھي۔
ردا طاهر جي مقرري ۽ سي ايم آءِ ٽي جي جاچ روڪڻ بابت قرارداد رد
ڪراچي : سنڌ ھيومن رائٽس ڪميشن جي بورڊ آف گورنرس جي گڏجاڻي۔ ردا طاھر جي مقرري ۽ سي ايم آءِ ٽي جي انڪوائري روڪڻ بابت قراردادن کي رد ڪيو ويو ـ ذريعن موجب 21 فيبروري تي سنڌ ھيومن رائٽس ڪميشن جي بورڊ آف گورنرس جو اجلاس چيئرمين اقبال ڏيٿو جي صدارت ھيٺ ٿيو ـ جنهن ۾ ڪميشن ۾ مقرر ٿيل ڪنسلٽنٽ ردا طاھر جي مقرري جي منظوري ايجنڊا ۾ شامل ڪئي وئي ـ جنهن جي ڪميشن جي ميمبر ۽ وڏي وزير ترجمان سکديو ۽ ٻين پاران مخالفت ڪئي وئي۔ اھڙي ريت گڏجاڻي ۾ ھڪ ٻي ايجنڊا پڻ رکي وئي ھئي ته ڪميشن ھڪ خودمختيار ادارو آھي انھي جي خلاف سي ايم آءِ ٽي جاچ نٿي ڪري سگھي۔ انھن ٻنھي ايجنڊائن تي سکديو ۽ ٻين ميمبرن جي پاران اعتراض ڪيو ويو ۽ اھي گڏجاڻي مان اٿي ويا ـ ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ڪميشن جي سربراھ اقبال ڏيٿو ٻڌايو ته اھي قردادون منظور نه ٿي سگهيون آھن۔
ڪراچي : انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري اڳ ۾ اقبال ڏيٿو خلاف رپورٽ اماڻي چڪي آھي ـ رپورٽ ۾ مختلف حوالا ڏيندي لکيو ويو آهي ته اقبال ڏيٿو “دي سنڌ پروٽيڪشن آف ھيومن رائيثس ايڪٽ 2011ع” تحت پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ ۽ خاص طور مالي معاملن ۾ شفاف ناھي رھيو ـ انھي ڪري سندس خلاف تفصيلي انڪوائري ٿيڻ گھرجي ۽ انھي انڪوائري رپورٽ جي بنيادن تي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي۔
0 تبصرے
Do not use vulgar language