سلھٽ/آسام: آچر 19 جون 2022ع : ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب گهٽ ۾ گهٽ 50 ڄڻا مارجي ويا آهن.
ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ ٻوڏ جي خطري جي انتهائي سطح جو اعلان ڪيو ويو، ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ بجلي جي حملي سان گهٽ ۾ گهٽ 50 ماڻهو مارجي ويا.
سڀ کان وڌيڪ خراب صورتحال بنگلاديش جي شهر سلهٽ ۾ آهي، جتي ڇنڇر جي صبح واري ٻوڏ سبب چار لک ماڻهو متاثر ٿيا. ڪجهه گهر ڊهي پيا آهن، ڍور ۽ گهر ٻڏي ويا آهن.
ڀارتي رياست آسام ۾ برهم پترا نديءَ جو بند ٽٽڻ سبب 28 ضلعن جا 3 هزار ڳوٺ ۽ فصل ٻڏي ويا.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلين سبب برساتون ۽ ٻوڏون غير متوقع ۽ شديد ٿي رهيون آهن، ٻنهي ملڪن جي اتر اوڀر وارن علائقن ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن دوران ٻوڏ جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language