welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات: وڌيڪ 9 ڄڻا فوت، 14 زخمي، ڪچا گهر ڊهي پٽ، زندگي مفلوج

ڪراچي:(جمعو آگسٽ 2025ع)گذريل ٽن ڏينهن کان جاري برسات جون تباهڪاريون جاري آهن، ڪراچي ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جي وسڪاري سبب ھيٺانھين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ڪيترن علائقن ۾ بجلي بند رھي، جڏهن ته موسميات کاتي موجب 23 تاريخ تائين ڪراچي ۾ برسات جي وسڪاري جو امڪان آھي، هوڏانهن ملير ضلعي ۾ گهگهر لڳ کوسا ڳوٺ ۾ پورهيت حيدر کوسو جو گهر برسات دوران ڊهي پٽ ٿي پيو، سندس گهرڀاتي معجزاتي طور تي محفوظ رهيا، ڊگھڙي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برساتن تباهي مچائي ڇڏي،کنوڻ ڪرڻ ۽ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي نتجيي ۾ چار ڄڻا فوت ۽ 9ڄڻا زخمي ٿي پيا، ان ڏ س ۾ ڳوٺ ڪاشف آرائين 170 ۾ کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ زرعي زمين تي گاھ ڪندڙ پورهيت نوجوان ٿانور پٽ چمن ڪولهي فوت ٿي ويو، بدين ضلع جي ڳوٺ نبي بخش آرائين ۾ جهنگ ۾ مال چاريندڙ ڌنارن مٿان کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيرسن فقيرو بجاڻو ۽ هريش پٽ کمون ڀيل فوت ٿي ويا جڏهن ته ڌنيش پٽ رامسن ڪولهي ۽ مٺو ڀيل زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف ڳوٺ ديھ۔سي 170 ۾ پورهيت ٻڌيو ڀيل ۽ سندس معصوم ٻار ساجن ڀيل، جوڌو ڀيل، ٽلڪو ڀيل،ريشمان ڀيل،چاڳو ڀيل ۽ تلڇي ڀيل زخمي ٿي پيا، ڳوٺ ميرمحمد حسن ٽالپر ۾ پاڻي واري موٽر مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 18ورهين جو پرڪاش پٽ ڪانجي ميگهواڙ فوت ٿي ويو، سمورن فوتين ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي جڏهن ته زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي،هڪ ئي وقت اسپتال مان چار جنازه کڄڻ وقت ماحول سوڳوار ٿي ويو شهر جي خانڳي اسڪول ۽ شادي هال ڀرسان پڻ کنوڻ ڪرڻ جا اطلاع مليا پر ڪوبه جاني يا مالي نقصان نه ٿيو هو، برساتن ۽ تيز هوائن سبب گهرن ۽ دڪانن جي ڇتن تي پيل سولر پليٽون اڏامي زمين تي ڪرڻ سبب ٽٽي پيون جنهنڪري لکين روپين جو مالي نقصان پهتو آهي، ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ ڊاڪٽر سليمان واسي شادي شده نوجوان سروڻ ڪمار ولد پٿو ميگهواڙ کنوڻ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو، ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي ڪالھ پڻ زوردار وسڪارو ٿيو، جنهنڪري ڪوٽڙي شهر ۽ سائيٽ جا روڊ رستا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. هوڏانهن ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙيءَ جي عملي طرفان رات دير سان پاڻيءَ جي نيڪال وارو عمل شروع ڪيو ويو، ماتلي ۾ ٽن ڏينھن کان وقفي وقفي سان وسندڙ برسات رحمت مان زحمت بڻجي ويئي شام شروع ٿيندڙ برسات بغير ڪنھن وقفي جي پنجن ڪلاڪن تائين جاري رهي. برسات سبب ماتلي سميت ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي بيھجي ويو آھي شھر جي احسان شاھ ڪالوني ظھير ڪالوني شيدي پاڙو سليم ڪالوني سميت ماتلي تعلقه اسپتال ماتلي ٿاڻو روينيو آفيس سميت 12 ئي وارڊن ۾ پاڻي درياء جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي ٻئي پاسي ڀنگي پاڙي ۾ وسندڙ برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب نوجوان بهادر علي پٽ محمد خان بروهي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاء تعلقه اسپتال ماتلي آندو ويو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. سجاول ۽ آس پاس ۾ 3 ڏينھن به برسات جو زوردار وسڪارو ٿيو، گذريل پورو ڏينھن برسات جي زوردار وسڪاري سبب شھر جي مين بازارون، گلين سميت شھر جي ھيٺين علائقن علي ٽائون، خاصخيلي محلو، ڪھرائي محلي ۾ پاڻي بيهي رهيو، گھوڙاٻاري، پير پٺو، گيل موري ، 103 موري ، سانولپور، ور شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گجوڙ ۽ کنوڻن سميت تيز برسات پئي، ور شھر جي آس پاس واري علائقن ۾ کنوڻن جا زوردار ڌماڪن جا آواز به ٻڌا ويا. ٿوري برسات انتظاميا جي جي بيحسي ۽ نااھلي جو پردو فاش ڪري ڇڏيو شھرن ۽ گلين ۾ برسات جو پاڻي تلاء جو منظر پيش ڪرڻ لڳو آھي. ٺٽي جي ڪوهستاني ۽ سامونڊي پٽي ۾ پاڻي جي بيهڻ ڪري هتان جي رهواسين جا آمدرفت جا رستا ڪٽجي ويا آهن جڏهن ته برسات جي وسڪاري سبب بجلي جو پڻ نظام ڊانواڊول ٿي ويو آهي ٻئي پاسي آبادگارن ۽ هارين پاران پڻ لاڳيتي برسات جي وسڪاري سبب پوکيم فصلن جي سخت متاثر ٿيڻ جو ڄاڻائيندي چيو ويو آهي ته تازين تيز برساتن جي لاڳيتي پوڻ ۽ فصلن ۾ پاڻي بيهڻ ڪري سندن فصل سخت متاثر ٿي رهيا آهنگجو شهر جي پئٽرول پمپ ڀرسان هوٽل تي کنوڻ ڪرڻ سبب معجزاڻي طور تي هوٽل ۾ ويٺل ماڻهو بچي ويا، سيوهڻ شھر ۽ ان جي آس پاس ٽئي ڏينهن به وقفي سان تيز برسات جاري رھي برسات بعد سيوھڻ شھر چا هيٺاهين وارا علائقن اسٽيشن روڊ, پراڻو بس اسٽاپ, ڪاليج روڊ ۽ ھنڌن تي پاڻي بيھجي ويو, ٻين علائقن بوبڪ, آراضي, ڪرمپور, جهانگارا, باجارا, نئينگ سميت ٻين علائقن ۾ پڻ برسات جو وسڪارو پڻ جاري رھيو. نئون دمبالو ۾ تيز ھوا سان گڏ تيز برسات مسلسل 3 ڪلاڪن تائين وسندي رھي تيز ھوا ۽ برسات تباھي مچائي ڇڏي، ٻڊو قمبراڻي، ڇتوموري، ميوو ٽالپر، حاجي غني توڙي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ تيز ھوا سبب ڪچن گھرن جو ڇتون اڏامي ويون، برسات سبب فصلن ۾ پاڻي بيهي ويو، بجلي ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم رهيو. عثمان شاھ ھڙي سميت ان جي ڀرپاسي وارن علائقن پيارولنڊ۔ ميرآباد۔مريد هوٽل۔ ميل موري۔ ٽنڊوسومرو۔ ڊاسوڙي۔ سميت ٻين علائقن ۾ صبع کان وٺي لاڳيتي گجگوڙ سان برسات جو وسڪارو جاري رهيو، جنهن سبب علائقن ۾ برساتي بيهي ويو ووڻنڻ ۔ بصر جي فصلن برساتي ڀرجي ويو هر طرف پاڻي پاڻي زندگي مفلوج ٿي وئي ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي ويا. کورواھ ۽ ڀرپاسي ۾ ڪالهه ٽي ڏينهن به برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن سبب روڊ رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو ڪڙيوگهنور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ ٽئين ڏينهن به ڪڪر وسي پيا ، برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ، موسم خوشگوار ٿي ويئي ، مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ چوٿين ڏينھن به برسات جا تيز وسڪارا وقفي وقفي سان جاري رھيا ، جنھن سبب سيرت النبي چوڪ ، الفتاح چوڪ ، ٽالپر ڪالوني ، مير محله ، بھراڻي محله ، ميربحر محله ، ٽالپر ٽائون ، ڪريم آباد ڪالوني ، پيپلز ڪالوني ، پير محله ، بختاور ڪالوني سميت واپاري تجارتي مرڪز چاندني چوڪ ، شاھي بازار ، واڻ بازار ۽ ٻيا علائقا مڪمل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن ، ضلعي انتظامي ۽ ميونسپل انتظامي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويا ، شھرين جي عام زندگي مفلوج بڻجي وئي شھري گھرن تائين محدود ٿي ويا ، تيز ھوا سان برسات سبب ڪيترن ئي ڪکاون گھرن جون ڇتيون ڪري پيون ، ٻي پاسي ٽنڊو محمد خان ، ٽنڊو غلام حيدر ۽ بلڙي شاھ ڪريم جي ننڊن وڏن علائقن ۾ برسات جا وقفي وقفي وسڪارا جاري رھيا، بلڙي شاه ڪريم جي يونين ڪائونسل ملاڪاتيار جي ڳوٺ جمال شورو ۾ رات دير سان تيز برسات سبب پورهيت منٺار شورو جو گهر ڪري پيو جنهن جي نيتجي ۾ گهر اندر ويٺل پيرسن عورت سليمت ۽ 3 معصوم ٻارڙا شيزان، هير، دلبر سخت زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ڳوٺاڻن ملبي هٺيان ٻاهر ڪڍي ميت ٻين علائقن ۾ صبع کان وٺي لاڳيتي گجگوڙ سان برسات جو وسڪارو جاري رهيو، جنهن سبب علائقن ۾ برساتي بيهي ويو ووڻنڻ ۔ بصر جي فصلن برساتي ڀرجي ويو هر طرف پاڻي پاڻي زندگي مفلوج ٿي وئي ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي ويا. کورواھ ۽ ڀرپاسي ۾ ڪالهه ٽي ڏينهن به برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن سبب روڊ رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو ڪڙيوگهنور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ ٽئين ڏينهن به ڪڪر وسي پيا ، برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ، موسم خوشگوار ٿي ويئي ، مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ چوٿين ڏينھن به برسات جا تيز وسڪارا وقفي وقفي سان جاري رھيا ، جنھن سبب سيرت النبي چوڪ ، الفتاح چوڪ ، ٽالپر ڪالوني ، مير محله ، بھراڻي محله ، ميربحر محله ، ٽالپر ٽائون ، ڪريم آباد ڪالوني ، پيپلز ڪالوني ، پير محله ، بختاور ڪالوني سميت واپاري تجارتي مرڪز چاندني چوڪ ، شاھي بازار ، واڻ بازار ۽ ٻيا علائقا مڪمل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن ، ضلعي انتظامي ۽ ميونسپل انتظامي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويا ، شھرين جي عام زندگي مفلوج بڻجي وئي شھري گھرن تائين محدود ٿي ويا ، تيز ھوا سان برسات سبب ڪيترن ئي ڪکاون گھرن جون ڇتيون ڪري پيون ، ٻي پاسي ٽنڊو محمد خان ، ٽنڊو غلام حيدر ۽ بلڙي شاھ ڪريم جي ننڊن وڏن علائقن ۾ برسات جا وقفي وقفي وسڪارا جاري رھيا، بلڙي شاه ڪريم جي يونين ڪائونسل ملاڪاتيار جي ڳوٺ جمال شورو ۾ رات دير سان تيز برسات سبب پورهيت منٺار شورو جو گهر ڪري پيو جنهن جي نيتجي ۾ گهر اندر ويٺل پيرسن عورت سليمت ۽ 3 معصوم ٻارڙا شيزان، هير، دلبر سخت زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ڳوٺاڻن ملبي هٺيان ٻاهر ڪڍي ٽنڊومحمدخان اسپتال منتقل ڪيو ويو، پورهيت جو گهر ڊهي پٽ پئجي وڃڻ ڪري به يارو مددگار کلي آسمان هيٺ ويٺل آھيون، ٽنڊوالهيار ضلعي جي مختلف شهرن عثمان شاھ ھڙي، ميرآباد، ڊاسوڙي، قيصر سينھڙو ڍالو خاصخيلي ابراھيم شاھ ، مسڻ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿيڻ اطلاع آهن جا ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات سبب بجلي ٻن ڏينهن کان بند سمورا فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن برسات ۾ ڦٽي ۽ ڀاڄين جي فصل کي نقصان سبب آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا. برسات سبب تعلقي جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، پليجاڻي سميت ڀرپاسي وارن علائقن الھڏنو سانڌ شاھپور تاجپور سومرا موري سميت ٻين علائقن ۾ صبع کان وٺي لاڳيتي گجگوڙ سان برسات شروع آھي جنهن سبب علائقن ۾ ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ، جڏهن ته يوسي ۽ ضلعي انتظاميان شھر لاء ڪي به انتظام ناھي ڪري سگھي، زرعي فصلن ووڻن بصر ۽ ڪيلي جي فصلن برساتي پاڻي وڏي تعداد ۾ جمع ٿي ويو آھي، کيبر ۽ آس پاس جي ننڍن وڏن شھرن ۾ ڪالهه چوٿين ڏينهن به هوا سان گڏ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو. شھر جي مختلف گھٽين سميت کيبر اسٽاف ۽ مسافر خاني ۾ پڻ برساتي پاڻي جمع ٿي ويو ٻي طرف لائيٽ جو نظام پڻ خراب چئين ڏينهن کان 20 ، 20 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي وڃي ٿي، سنڌڙي ۾ مسلسل وقفي وقفي سان برسات جاري، برسات سبب بجلي غائب، بازارن ۾ پاڻي بيجھي ويو، خليفو قاسم ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان برسات سبب شھر ۾ پاڻي بيهجي ويو. خليفو قاسم شيخ منظور اي سي چڪ موري اوليا خانشاھ سميت ٻين علائقن ۾ برسات جو زوردار وسڪاري بعد فصلن کي نقصان پهتو، جنهن سبب مرچ ٽماٽو ڦٽي جي فصل کي نقصان پهتو ۽ علائقي ۾ بجلي جي سپلائي بند تيز طوفاني برسات سبب شھر جي دڪانن جا ڇپرا هوا ۾ آڏامي ويا، ٽنڊي آدم ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پنجين ڏينهن به تيز هوا سان گڏ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، برسات کانپوءِ شهر جا مک روڊ ۽ علائقا محمدي چوڪ، حيدرآباد روڊ، کنڊو روڊ، لياقت روڊ، ٽنڊوالهيار روڊ، اسٽيشن چوڪ، ايم اي جناح روڊ، بنگلا روڊ، ڳوٺ خير محمد مري، سبزي منڊي، رشيد ڪالوني، ڀٽائي نگر، بلوچ پاڙي ۽ سڪندر آباد سميت هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، دريا خان مري ۽ ڀرپاسي منگيا موري، ڳوٺ پھلوان اڪبر بڙدي، ڳوٺ عبدالقادر شر، ڳوٺ ڪھڪاٽ، ڳوٺ حاجي ميھرالدين خاصخيلي، ڳوٺ عطا محمد لاشاري ۾ چوٿين ڏينھن به برسات جاري رهي، ھيٺاھين وارن علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيھجي ويو، وونئڻن، ترن جي تيار ٿيل فصل، ميھا، توري، گوار سميت فصلن ۽ ڀاڃين کي پڻ سخت نقصان جو انديشو آھي، ڍورونارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو، ڇاڇرو جي ڳوٺ موڙاسيو ڀرسان هلندڙ برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻو يار محمد پٽ ابراھيم سميجو فوت ٿي ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے