welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ميهڙ واقعي ۾ ٽن ڄڻن جي قتل جي جرڳي جا افواهه: ام رباب پاران ترديد

ميھڙ:(جمعو آگسٽ 2025ع) سال اڳ ام رباب چانڊيو جي والد تمندار ڪائونسل جي چيئرمين رئيس مختيار چانڊيو ، ڏاڏو يو سي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچا ضلع ڪائونسل ميمبر قابل خان چانڊيو جي قتل واري واقعي جو راڄوڻي فيصلو ٿيڻ جون سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪرڻ لڳيون، جنهن تي ام رباب چانڊيو پاران ترديد ڪئي وئي آھي. ان ڏس ۾ سوشل ميڊيا تي ھليل خبر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڪافي سالن کان وٺي ام رباب چانڊيو ۽ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو جي وچ ۾ تڪرار ھلندڙ ھيو ۽ اھڙو ڪيس دادو جي عدالت ۾ پڻ ھلندڙ آھي ۽ ڪجھ ئي ڏينھن ۾ ان تڪرار جو فيصلو ٿي رھيو آھي ۽ تڪرار جو نبيرو سردار شھريار مھر ، نواب نادر خان مگسي ، راشد محمود سومرو ، بالاج خان ڊومڪي ۽ تيغو خان تيغاڻي جرڳي ۾ شريڪ ٿيندا ۽ ڌرين ۾ ٺاھ ڪرائيندا جڏھن ته سوشل ميڊيا تي ان جرڳي جي تاريخ 23 آگسٽ آچر جي ڏينھن ڪراچي گزري ۾ نواب نادر خان مگسي جي رھائشگاه تي ڄاڻايو ويو آهي. ٻئي پاسي ام رباب چانڊيو پاران جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ چيو آھي ته سوشل ميڊيا تي راڄوڻي فيصلي بابت ھلندڙ خبرن ۾ ڪا صداقت نه آھي ۽ ھي ڪيس دادو جي عدالت ۾ ھلندڙ آھي ھن چيو ته منھنجي بابا سرداري نظام خلاف جيڪو علم کنيو ھو اھو جيسيتائين منھنجي حياتي رھندي اھيا جاگيردارانا نظام خلاف جنگ جاري رھندي ھن الزام ھڻندي چيو آھي ته قاتل جوابدارن پاران سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪرائي وڃي پئي ته بابا ، چاچا ۽ ڏاڏا جي قتل واري ڪيس ۾ مان انھن سان ڪمپرومائيز ڪرڻ وڃان پئي پر قاتل جوابدار بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آھن انھن کي خبر آھي ته اسلام ۽ قانون ۾ قتل جي سزا ڪھڙي آھي ۽ ھي ھر قسم جي ڪوشش ڪري حراسان ڪري رھيا آھن ۽ انھن جي ھر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو ھن چيو ته 8 سالن کان انھن خلاف جدوجھد ڪري رھي آھيان ۽ جيستائين قاتلن کي ڦاسي جي فندي تائين نه پھچائينديس تيسيتائين منھنجي ھي جدوجھد جاري رھندي. جوابدار سردار چانڊيو پاران به سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون غلط قرار ميهڙ: ميهڙ واقعي ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي جوابدار پ پ پ ايم پي نواب سردار خان چانڊيو جي ترجمان پاران به سوشل ميڊيا تي ھلندڙ اھڙي خبر کي غلط قرار ڏنو ويو آھي ۽ ڄاڻايو آھي ته عدالت ۾ ڪيس ھلندڙ آھي سوشل ميڊيا تي ھلندڙ فيصلي واريون خبرون بي بنياد آھن

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے