گمبٽ:(جمعو آگسٽ 2025ع)آءِ بي اي 40 پلس پاس، جَي اِي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي استاد اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڪراچي کان نڪتل پيادل مارچ گمبٽ پهچي ويو، احتجاج، 24 آگسٽ تي ٻٻرلو ۾ ڌرڻي هڻڻ جو اعلان، ان موقعي تي احتجاج ڪندي عبدالغفار مغيري، خميس علي چنا، محمد قابل، عديل منگي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي ڀرتي نه ڪرڻ ميرٽ جي لتاڙ آهي. سنڌ حڪومت آڏو ڪيترائي ڀيرا پرامن احتجاج ڪيو پر حڪومت هڪ نه ٻڌي 24 آگسٽ تي ٻٻرلو ۾ ڌرڻو هنيو ويندو استادن سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن کي ڌرڻي ۾ شرڪت جي اپيل ڪجي ٿي. ڌرڻي کان پوء لانگ مارچ اسلام آباد لاء روانو ٿيندو. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته استاد اميدوارن جا جائز مطالبا تسليم ڪري 40 پلس وارن استاد اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language