welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگرديءَ ۾ 4 نوجوان شهيد

ڪپواڙا : آچر 19 جون 2022ع : والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائي دوران اڄ وڌيڪ 4 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪپواڙه ۾ ڀارتي فوج محاصري ۽ سرچ آپريشن دوران ٻن نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته محاصري ۽ سرچ آپريشن دوران 2 نوجوان شهيد ٿي ويا. آخري اطلاعن تائين ٻنهي علائقن ۾ آپريشن جاري هو. هوڏانهن ڀارتي پوليس هنڊوارا جي علائقي ڪيرالا گنڊ مان ٽن نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف اڄ سڄي دنيا ۾ پيءُ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، والاريل ڪشمير ۾ هزارين ٻار پنهنجي پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويا آهن. ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي سبب گذريل 33 سالن ۾ 1 لک 7 هزار 860 ٻار يتيم ۽ 22 هزار 944 عورتون بيواهه ٿي ويون آهن. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 2010ع کان وٺي پرامن مظاهرين تي ڀارتي فورسز طرفان مهانگائي وارين گولين جي استعمال سان سوين نوجوان اکين کان محروم ٿي چڪا آهن. خوف ۽ دهشت جي ماحول سبب هزارين ڪشميري ٻار نفسياتي صدمي کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے