
بيجنگ:(خميس 04 سيپٽمبر 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف بيجنگ ۾ عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات ڪئي. انهي موقعي تي وفدن جي سطح تي ٿيل ڳالهين کان پوءِ چيني وزيراعظم طرفان وزيراعظم پاڪستان جي اعزاز ۾ هڪ پروقار مانجهاندو به ڏنو ويو.
ملاقات جي دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي علاقائي سالميت، خودمختاري ۽ سماجي، اقتصادي ترقي جي لاءِ چين جي اڻکٽ حمايت تي چيني قيادت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ 2 سيپٽمبر 2025 تي ٿيل ملاقات ۾ طئي ٿيل اهم اتفاق راءِ جي روشني ۾ پاڪ چين تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو. انهي موقعي تي گڏيل ايڪشن پلان(2024-2029) تي صحيحن کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ جاري اصلاحاتي قدمن جا مثبت نتيجا چين جي ڀرپور حمايت سبب ممڪن ٿي سگهيا آهن. هن جلد ئي چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ پانڊا بانڊز متعارف ڪرائڻ جي پاڪستان جي ارادي کان به آگاهه ڪيو.
اقتصادي تعاون جي حوالي سان وزيراعظم گذريل ڏهاڪي ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو(بي آر آئي) ۽ انهي جي اهم منصوبي چين، پاڪستان اقتصادي راهداري(سي پيڪ) جي شاندار ڀائيواري کي اجاگر ڪيو ۽ قراقرم هاءِ وي، ريلوي لائين 1 جي بحالي ۽ گوادر پورٽ جي مڪمل آپريشنلائزيشن جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي فيز 2 کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ انهي جي تحت 5 نون ڪوريڊورز تي گڏيل ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
وزيراعظم شهباز انهي موقعي تي بيجنگ ۾ ٿيل بزنس ٽو بزنس سرمائيڪاري ڪافرنس جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ 300 کان وڌيڪ پاڪستاني ۽ 500 چيني ڪمپنيون شريڪ ٿي رهيون آهن. هن زراعت، معدنيات، ٽيڪسٽائيل، صنعتي شعبي ۽ آءِ کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي تعاون جي لاءِ ترجيحي شعبو قرار ڏنو.
وزيراعظم صدر شي جن پنگ جي عالمي گورننس انيشينو، گلوبل ڊوالپمينٽ انيشيٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشيٽو ۽ گلوبل سولائزيشن انيشيٽو سميت ڊگهن قمن جي پاڪستان طرفان ڀرپور حمايت جو به ارادو ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته ايندڙ سال پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره ڀرپور طريقي سان ملهائي ويندي. انهي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سي پيڪ فيز 2، سائنس، ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيا ۽ زراعت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي به صحيحون ٿيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language