welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر ملتان موٽروي تي ڌاڙيلن جي ڪاهه، گاڏين مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ، 10 مسافر اغوا، 4 زخمي

رحيم يار خان:(خميس 04 سيپٽمبر 2025ع)سکر موٽروي تي نواز آباد جي حدن ۾ ڏوھارين جي حملي جو معاملو سنگين ۽ خوفناڪ رخ اختيار ڪري ويو آهي، جتي ڏوھارين هٿان 10 بيگناھ مسافر اغوا ۽ 4 سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾: فرخ عباس، قلب عباس ۽ ٻيا شامل آهن. اغوا ٿي ويل ماڻهن ۾ عمران يوسف آرائين، عمر فاروق آرائين، راحيل احمد، عبدالمجيد، علي حسن اعواڻ، علي حسن بلوچ، شوڪت بلوچ، قمر، عنائت الله پتافي، منير احمد شامل آهن. ذريعن موجب ڏوھاري شديد فائرنگ ۽ دهشت پکيڙي بس مان مسافرن کي لاهي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ رينجرز جا اٽالا پڻ پھچي ويا آهن ۽ گڏيل آپريشن جي تياري ڪئي پئي وڃي. مقامي پوليس موجب، انڊھڙ گينگ جي ڏوھارين خوف پيدا ڪري حملو ڪيو ۽ مسافرن کي اغوا ڪري ويا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے