welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

فلورملز جو سستو اٽو ڏيڻ کان انڪار تي حڪومت جو رد عمل سامهون اچي ويو

ڪراچي:(خميس 04 سيپٽمبر 2025ع)سستو اٽو ڏيڻ کان انڪار تي پنجاب حڪومت جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب ذريعن ٻڌايو آهي ته ٻوڏ جي آڙ ۾ اٽي ۽ ماني جون قيمتون وڌڻ کان روڪڻ ۽ مسلسل سپلاءِ برقرار رکڻ جي لاءِ پنجاب حڪومت اهم قدم کڻندي اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي روڪڻ جي لاءِ پرائس ڪنٽرول مئجسٽريٽ کي فوري طور تي متحرڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن چيو آهي ته پنجاب حڪومت ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي روڪڻ جي لاءِ پيرا فورس کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، صوبائي حڪومت طرفان ڪڻڪ کي فيڊ ملن ۾ استعمال ڪرڻ تي پابندي يقيني بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ماني جي قيمت 14 روپيه ۽ اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1800 روپين کان وڌيڪ وڌڻ نه ڏني ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے