
ڪراچي:(خميس 04 سيپٽمبر 2025ع)سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گڊو بيراج تي پاڻي جو وهڪرو اڃان تائين معمول تي آهي صورتحال به واضح نه ٿي آهي پر مها ٻوڏ جو خطرو اڃان تائين ٽريو نه آهي.
سنڌ رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل جي دوري کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ٻوڏ جي پاڻي کي روڪڻ جي ضرورت نه آهي نه ئي ڪنهن بند کي ڪٽ لڳائڻ جي ضرورت آهي. موسميات کاتي جون اڳڪٿيون صحيح نه هونديون آهن. هن چيو ته فلڊ مانيٽرنگ سيل وڏي وزير جي هدايت تي قائم ڪيو ويو هو جيڪو 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. صحت کاتو، ماحوليات ۽ 1122 جا نمائندا هتي موجود آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت 24 ڪلاڪن ۾ 28 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪچي جي علائقن مان ڪڍيو، انهن جو ٽوٽل انگ 94 هزار ٿي ويو آهي. تقريبن 24 لک لائيو اسٽاڪ ٻوڏ سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي، 3 لک لائيو اسٽاڪ کي علائقن مان ڪڍيو ويو آهي 6 لک جانورن کي ويڪسينيشن به نه ڏني وئي آهي.
هن چيو ته چيئرمين ۽ صدر جي خصوصي هدايت تي ڪارڪن ڪم ڪري رهيا آهن، بلاول ڀٽو اڄ کان پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو، وڌ کان وڌ انساني حياتين ۽ لائيو اسٽاڪ کي بچائڻ آهي، رليف ڪيمپ قائم آهي، اتي سموريون سهولتون به موجود آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته ڀارت آبي جارحيت جاري رکي آهي. ڀارت جي نيت پاڪستان جي لاءِ ڪڏهن به سٺي نه رهي. ڊيمز کي سوچي سمجهي ٺاهڻو پوندو آهي هن وقت لانگ ٽرم پلاننگ جي ضرورت آهي، آبي ماهرن سان گڏجي مستقبل جا فيصلا ڪرڻا پوندا.
سينئر وزير چيو ته جن ماڻهن ڪڏهن درياءَ ناهي ڏٺو، ڪنهن کي هڪ ٻوري راشن جي ناهي ڏني اهي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اسان جا سمورا انتظام سڀني جي سامهون آهن ڪوبه وڃي ڏسي سگهي ٿو. انهي کان علاوه سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي صوبائي رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل ۾ سيڪريٽري ماحوليات زبير چنه به بريفنگ ڏني.
0 تبصرے
Do not use vulgar language