ڪراچي:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل هفتي هڪ تاريخي واپاري هفتو رهيو جتي 100 انڊيڪس هر روز نئين بلندين تي پهتو.
پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس هفتي دوران 4347 پوائنٽس جي واڌ سان 145382 تي بند ٿيو، ۽ انڊيڪس 5372 پوائنٽس بينڊ جي اندر رهيو.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس هفتيوار بلند ترين 146813 رڪارڊ ڪيو جڏهن ته انڊيڪس هفتيوار گهٽ ترين 141440 رڪارڊ ڪيو.
واپار واري هفتي دوران، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 3.26 ارب شيئرز 233.9 ارب رپين ۾ واپار ڪيا ويا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 435 ارب رپين جي واڌ سان 17342 ارب رپين تائين پهچي وئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language