welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ فائدن ۾ واڌ جو بل منظور، مهمان نوازي سميت ڪهڙا الائونس شامل ڪيا ويا؟

،
ڪراچي:(ڇنڇر09 آگسٽ 2025ع)ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ واڌ جي بل کي متفقه طور تي منظور ڪري ورتو. ڪالهه اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندڙ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ 3 اهم بل منظور ڪيا ويا. اهي بل قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار ايوان ۾ پيش ڪيا. ايوان جي ڪارروائي دوران، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ واڌ بابت بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان مرحلن وار منظور ڪيو. سڀني ميمبرن بل جي حمايت ڪئي ۽ متفقه طور تي ان کي منظور ڪيو. سنڌ ڪابينا 7 آگسٽ تي پنهنجي اجلاس ۾ هن بل جي مسودي جي منظوري ڏني هئي ۽ ڪابينا جي منظوري کان پوءِ، هاڻي ان کي سنڌ اسيمبلي منظور ڪري ورتو آهي. منظور ٿيل قانون سان اسيمبلي جي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ٻنهي کي هڪجهڙا فائدو ٿيندو ۽ انهن کي ڪيترن ئي مراعاتن جو حقدار سمجهيو ويندو، جن ۾ مهمان نوازي الائونس، هائوس رينٽ الائونس، يوٽيلٽي الائونس، ڊيلي الائونس، ڪنوينس الائونس، رهائش الائونس، سفري الائونس، مائليج الائونس، مفت سفري سهولت، ٽيليفون سهولت، طبي علاج جون سهولتون، آفيس مينٽيننس الائونس ۽ اهي سڀئي الائونس شامل آهن جيڪي سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي پاران سفارش ڪيا ويندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے