
جاتي:(آچر 31 آگسٽ 2025ع)جاتي ويجھو ڳوٺ الھبچايو ڌانڌل ۾ ڇھن جوابدارن پاران ناري فاطمه ڌانڌل کي اغوا ڪري زبردستي نڪاح ڪرڻ ۽ ٻن جوابدارن پاران چئن مهينن کان مبينا طور تي زبردستي جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. گذريل ڏينهن جاتي ۾ صحافين وٽ پنهنجي وارثن سان گڏ پھتل ناري فاطمه ڌانڌل انڪشاف ڪندي چيو ته 4 مھينا اڳ کيس 4 ڄڻن ڳوٺ جي ويجهو اغوا ڪري گولاڙچي جي مختلف علائقن ۾ لڪائي رکيو ويو جتي مون کي ھيسائي ۽ ڌمڪائيندڙ ھڪ پاڳل عبدالستار نالي ھمراهه سان نڪاح ڪرايو ويو. مون کي اغوا ڪندڙن مختلف جاين تي ترسائڻ دوران 6 ڄڻا عثمان ، عزيز ، جمال ، عظيم ، نياز ، ظھير تشدد ۽ ذھني تشدد ڪري جنسي زيادتي ڪندا رهيا، ھنن لاڳيتو مون سان ظلم ڪري مون کي خاموش رهڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. ھنن وحشين مون سان زيادتي ڪري منهنجي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي. ناريءَ صحافين اڳيان ڌانهون ڪندي ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو ته ساڻس انصاف ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته جاتي پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آهي مون سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف جاتي ٿاڻي ۾ جوابدارن عثمان، عزيز ، عظيم ، جمال، نياز سميت 6 ڄڻن خلاف ناري فاطمه سان زيادتي ڪرڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته زيادتي جو شڪار ٿيل ناري جو تعلقي اسپتال جاتي مان ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language