welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گمبٽ ۾ گهرو معاملي تان عورت فائرنگ ڪري قتل، مڙس ۽ ڀائرن جا هڪٻئي تي الزام

گمبٽ:(آچر 31 آگسٽ 2025ع)گمبٽ جي ڪسان ڪالوني ۾ مبينا گھرو معاملي تان عورت فائرنگ ڪري قتل، پوليس عورت جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ گمس سٽي اسپتال جي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس مطابق قتل بابت جاچ هلندڙ آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او گمبٽ غلام محمد بوزدار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايوته گمبٽ جي ڪسان ڪالوني ۾ عورت مسمات شازيا ناريجو کي بندوق جو فائر لڳڻ سبب مارجي وئي آهي. مقتولا عورت جي ڀائرن ۽ مڙس وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو هو. گھر ۾ بندوق جو فائر اچانڪ ڇٽڻ سبب عورت مسمات شازيا خاتون ناريجو مارجي وئي آهي. پوليس موجب عورت جي قتل بابت مڙس سندس ڀائرن تي قتل جو الزام هڻي رهيو آهي ۽ مقتولا عورت جا ڀائر سندس مڙس تي قتل ڪرڻ جو الزام هڻي رهيا آهن. عورت جو لاش کڻائي سٽي اسپتال جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. جتان پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو. عورت جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ گھر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا آخري اطلاعن تائين ڪيس داخال ناهي ٿي سگھيو. پوليس هن ڪيس بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے