welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڳيريلي ويجھو مبينا پوليس مقابلو، جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ

ڳيريلو:(آچر 31 آگسٽ 2025ع)ڳيريلو ويجهو رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد نصير آباد- لاڙڪاڻي روڊ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي، پوليس موجب ڳيريلو چودڳي وٽ مقابلي دوران هڪ جوابدار مارجي ويو آهي، سندس ساٿي فرار ٿي ويا، مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ اسد علي ولد ممتاز علي مستوئي طور ڪئي وئي آهي، جيڪو تعلقي سجاول ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ جو رهواسي آهي. پوليس موجب مارجي ويل جوابدار مختلف سنگين ڪيسن ۾ گهربل هيو. ڪنڌڪوٽ ۾ مبينا مقابلو، 20 ڪيسن ۾ گهربل جوابدار مارڻ جي دعويٰ ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس جو مبينا مقابلو، جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ، پوليس موجب پوليس گلشير محلا وٽ جوابدارن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هڪ جوابدار غلام فريد عرف ڇوٽو مارجي ويو، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار 20 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل هو، مارجي ويل جوابدار علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل هو. سندس ساٿي فرار ٿي ويا. ٽنڊي آدم ۾ مبينا مقابلو، هڪ زخمي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊو آدم سٽي ٿاڻي جي حد درگاھه انور شاھه وٽ سٽي پوليس پاران مبينا مقابلي دوران هڪ جوابدار ناصر مڪراني بلوچ کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. جڏهن ته سندس هڪ ساٿي فرار ٿي ويو. ايس ايچ او سٽي عمران اختر چانڊيو ٻڌايو ته گشت دوران درگاھه انور شاھه وٽ ڏوھه جي ارادي سان بيٺل ٻن جوابدارن پوليس پارٽي کي ڏسي فائرنگ ڪئي، جوابي ڪارروائي ۾ هڪ جوابدار ناصر مڪراني بلوچ کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ پسٽل ۽ گوليون برآمد ڪيون آھن. زخمي جوابدار کي تعلقي اسپتال آڻي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته سندس هڪ ساٿي غلام علي مڪراني بلوچ فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. سٽي ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ۽ سندس وڌيڪ ڏوهاري رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي. ملير ۾ ڦر ڪوشش، ٽريفڪ پوليس ڦورو کي پڪڙي ورتو ملير (رپورٽر) ملير ۾شهري کان ڦر جي ڪوشش، ٽريفڪ پوليس اهلڪارن هڪ ڦورو کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ اسٽيل ٽائون موڙ ويجهو موٽرسائيڪل سوار ٽن هٿياربندن شهري کان موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر جي ڪوشش ڪئي، ويجهو ئي بيٺل ٽريفڪ اهلڪارن ۽ شهرين هڪ ڦورو کي پسٽل سميت پڪڙي تشدد بعد اسٽيل ٽائون پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ڦورو جي سڃاڻپ سمون ڳوٺ واسي شهريار طور ٿي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے