
ڏيپلو:(خميس 28 آگسٽ 2025ع)ڏيپلو جي ڳوٺ ويڙھيجهپ ۾ گذريل ڏينهن قتل ڪيل نوجوان ناري ثمينه درس کي سندس پيء ملوڪ درس قتل ڪيو۔ پوليس تصديق ڪري ڇڏي، گرفتار ۽ ڪيس داخل خبر موجب ڏيپلو جي ڳوٺ ويڙھيجهپ ڀرسان ماء ۽ پيء سان گڏجي زمين تي ڪم ڪار لاء ويل 18 هين ورهين جي نوجوان ناري ثمينه درس جو گولي لڳل لاش مليو هو۔ جيڪو لاش پوليس اسپتال منتقل ڪرڻ بعد جاچ شروع ڪئي جاچ دوران ناري جي ماء پاران ڌيء کي پيء پاران قتل ڪرڻ جي الزام واري بيان بعد پوليس ماء ۽ پيء کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ۽ پوليس ابتدائي جاچ دوران تصديق ڪئي آھي ته ثمينه درس کي سندس پيء ملوڪ درس غيرت جي نالي تي ڪاري هجڻ جي شڪ ۾ قتل ڪيو آھي۔ ايس ايڇ او ڏيپلو حسين بخش راڄڙ رابطو ڪرڻ تي تصديق ڪندي چيو ته ناري جي ماء پوليس وٽ بيان ڏنو آھي ته ڌيء جو قاتل پيء آھي اسان زمين تي هئاسين ته مڙس مونکي چيو ته آئون ڌيء کي قتل ڪندس ۽ مونکي ٻئي طرف روانو ڪري هن قتل ڪيو۔ ايس ايڇ او موجب اسان نوجوان ناري ثمينه جي مامي رسول بخش درس جي فرياد تي ملوڪ درس خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري رهيا آھيون ۔ فريادي جو موقف آھي ته ملوڪ درس پنهنجي ڌيء ۽ منهنجي ڀاڻيجي ثمينه کي غيرت جي نالي تي ڪاري هجڻ جي الزام هيٺ قتل ڪيو آھي۔ فريادي موجب جوبدار زال ۽ ڌيء کي اجائي شڪ تي تشدد به ڪندو رهندوهو ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو۔ ۔ ۽ اسان کيس گرفتار ڪري جاچ ڪريون پيا۔ هڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايڇ او چيو ته جوابدار خود پنهنجي ڌيء کي قتل ڪرڻ واري ڏوه جو اڃان اعتراف نه ڪيو آھي ۽ نه وري اسانکي وادات ۾ استعمال ٿيل هٿيار مليو آھي۔ واقعي واري وقت سرزمين تي مقتولا ۽ سندس ماء پيء موجود هئا۔ ناري جي ماء پوليس وٽ اعتراف ڪيو آهي سندن ڌيء کي پيء قتل ڪيو آھي۔ پوليس موجب گرفتار پيء کان جاچ ڪري رهيا آھيون جلد وڌيڪ حصيقتون سامهون آڻينداسين ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار به هٿ ڪيو ويندو۔ پوليس تصديق ڪئي ته ناري جي مامي ڳوٺ سجائي جي رهواسي رسول بخش درس جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري رهيا آھيون ۽ واقعي جي تفصيلي شفاف جاچ ڪئي ويندي۔
مقتول ناري جو لاش پوسٽ مارٽم بدران 18 ڪلاڪ اسپتال ۾ موجود
مٺي/ڏيپلو: ڏيپلو جي ڳوٺ ويڙھيجهپ ۾ گذريل ڏينهن ڪنڌ ۾ گولي هڻي بي دردي سان قتل ڪيل نوجوان ناري ثمينه جي لاش کي پوليس تعلقه اسپتال ڏيپلو پهچايو جتي مقرر ڊاڪٽرياڻيون نه ھجڻ ۽ انتظاميه جي غفلت سبب ناري جي لاش جو پوسٽ مارٽم 18 ڪلاڪن بعد ڪرڻ جي زحمت ڪئي وئي ۽ تيستائين لاش تي ڪيڙن ماڪوڙن جا ميڙا مچي ويا ۽ لاش بدبوء ڪري ويو۔ جنهن تي وارثن ۽ سول سوسائيٽي پاران اسپتال انتظاميه خلاف سخت احتجاج ڪيوويو ۽ احتجاج بعد ڊي ايڇ او ٿرپارڪر پوسٽ مارٽم ۾ 18 ڪلاڪن جي دير ٿيڻ بابت 3 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي۔ ان ڏس ۾ مليل وڌيڪ معلومات موجب اسپتال ۾ مقرر ليڊي ڊاڪٽرياڻيون ڊيوٽي تي موجود نه هجڻ ۽ اسپتال انتظاميه جي عدم دلچسپي سبب 18 ڪلاڪن تائين لاش اسپتال جي مرده خاني ۾ پيل رهيو ۽ وارث لاش جي پوسٽ مارٽم لاء احتجاج ۽ التجائون ڪندا رهيا۔ جنهن بعد پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو۔ هوڏانهن ناري جي لاش جي پوسٽ مارٽم ۾ 18 ڪلاڪن جي دير واري انتظامي غفلت ۽ ڊاڪٽرياڻين جي ڊيوٽي تي موجود نه هجڻ واري معاملي بابت سنڌ سرڪار جي پڇاڻي بعد ڊي ايڇ او پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر جئه پرڪاش۔ ڊاڪٽر چندر شرما ۽ ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار شامل آھن۔
ناري ثمينه کي غيرت جي معاملي تي والد قتل ڪيو آهي: ايس ايس پي
مٺي / ڏيپلو: ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ رابطو ڪرڻ تي چيو ته ثمينه درس جي قتل جي جاچ هلندڙ آھي ابتدائي جاچ موجب ناري کي غيرت جي معاملي تي والد قتل ڪيو آھي۔ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪرڻ لاء پوليس گرفتار پيء سان گڏ سرزمين ڏانهن ويل آھي۔ هن معاملي جي شفاف جاچ ٿيندي ڪنهن سان به ڪا زيادتي نه ڪئي ويندي۔ ناري جي والده واقعي واري وقت مقتولا سان گڏ زمين تي ويل هئي ان اعتراف ڪيو آھي ته ڌيء کي پيء قتل ڪيو آھي واقعي جو ڪيس ڪري رهيا آھيون۔ ڪيس داخل ڪرڻ ۾بعد جاچ جو دائرو وسيع ڪيو ويندو
0 تبصرے
Do not use vulgar language