welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

امدادي ڪارروائين دوران 2 جوان شهيد: ٻوڏ باوجود سرحدن جي نگراني ۽ آپريشن جاري آهي: پاڪ فوج

راولپنڊي:(خميس 28 آگسٽ 2025ع)ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته آرمي چيف جي هدايت تي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، متاثر علائقن ۾ پلن ۽ روڊن جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، امدادي ڪاررواين دوران پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ۽ 2 زخمي ٿيا آهن، پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هر مشڪل گهڙي ۾ پاڪ فوج قوم سان گڏ آهي، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ جڏهن کان ٻوڏ واري صورتحال آهي ۽ هاڻي پنجاب ۾ به صورتحال سنگين آهي، ان تي وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي هدايت تي سڀ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪم جاري آهن. فيلڊ مارشل جي هدايت تي هڪ انجينئر برگيڊ ۽ 30 يونٽ صرف ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف آهن، جن ۾ 19 انفنٽري، 7 انجينئر ۽ 4 ميڊيڪل يونٽ شامل آهن. خراب موسم باوجود پاڪ فوج 3 وڏن پلن جي مرمت مڪمل ڪئي، جن ۾ 2 خيبرپختونخوا ۽ 1 گلگت بلتستان ۾ آهي، جڏهن ته سول انتظاميا سان گڏجي 104 روڊ مڪمل طور بحال ڪيا ويا آهن. امدادي ڪاررواين دوران پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ۽ 2 زخمي ٿيا. ترجمان پاڪ فوج چيو ته ٻوڏ واري صورتحال جي باوجود بارڊر ۽ ورڪنگ بائونڊري تي مڪمل نگراني جاري آهي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ ڪنهن به پوسٽ کي خالي نه ڇڏيو ويو آهي، خارجين جي خلاف آپريشن به جاري آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے