
ڪنري:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)سنڌ ڌرتي لاءِ انگريزن سان مھاڏو اٽڪائيندڙ سنڌ جي عظيم ڪردار روپلي ڪولھي جي 166 ھين ورسي تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ ڪولھي برادري مردن، عورتن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ مقررين روپلو ڪولهي جي ڪردار تي روشني وجھي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي، جڏھن ته نوجوانن ۽ ٻارن پاران ٽيبلوز، گيت، رقص، روپلي جي ڪردار تي خاڪو ۽ تقريرون ڪري ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر چيتن ڪولھي، سيٺ لالچند، پارس کينپال ڪولھي، چيتن گوئيل، پنهون، ڊاڪٽر جئه پرڪاش، ڀارمل مڪواڻا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته روپلي ڪولھي جي من ۽ تن ۾ پنھنجي ڌرتي سان محبت ھئي، دراوڙ ھن ڌرتي جا اصل وارث آھن، مقررين روپلو ڪولهي جي ورسي سرڪاري سطحي تي نه ملھائڻ تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته روپلو ڪولهي سنڌ جو اھم ڪردار آھي جنھن کي سرڪار مڪمل طور وساري ڇڏيو آھي، هنن چيو ته روپلي ڪولھي سنڌ ڌرتي جي لاءِ انگريزن سان جنگ وڙھي ۽ ھن ڌرتي تي قربان ٿي ويو، نوجوانن کي اڄ روپلي ڪولھي جي نقش قدم تي ھلڻ جو وچن ورجھائڻ گھرجي.اڳواڻن مطالبو ڪيو ته روپلي ڪولھي جي ورسي تي عام موڪل ڪري قومي هيروز قرار ڏنو وڃي. ٿرپارڪر ۾ امر روپلو ڪولھي جي نالي سان يونيورسٽي قائم ڪري نصاب ۾ روپلو ڪولھي جي ڪردار کي پيش ڪيو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language