
حيدرآباد:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عبدالرحمان سمون ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته عوامي تحريڪ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي احتجاج جي مڪمل حمايت ڪري ٿي ۽ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ حڪومت فوري طور تي پينشن واري نئين ظالماڻي پاليسي واپس وٺي، پراڻي پاليسي کي بحال ڪرڻ سان گڏ حقيقي سوشيل ويلفيئر واري پينشن نظام کي لاڳو ڪيو وڃي. پينشن کي هر صورت ۾ مهانگائي سان ڳنڍيو وڃي ۽ وڌندڙ مهانگائي جي حساب سان رٽائرمينٽ ۽ پينشن به وڌائي وڃي. گروپ انشورنس ۽ الائونسز ملازمن کي لازمي طور ڏنا وڃن. سڀني ملازمن لاءِ هيلٿ انشورنس، تعليم ۽ رهائش جي ضمانت ڏني وڃي. پينشن فنڊ کي شفاف ۽ ڪرپشن کان پاڪ ڪري ملازمن کي انهن جو حق ڏنو وڃي.
اڳواڻن چيو ته حڪومت پاران پينشن ۾ 47 سيڪڙو ڪٽوتي جو فيصلو سنڌ جي لکين ملازمن سان ناانصافي آهي. سنڌ سرڪار جو هي فيصلو سراسر معاشي دهشتگردي آهي. وزيرن، مشيرن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، چيف جسٽس سميت طاقتور ملازمن جي پينشن ۽ پگهارن ۾ ساليانو لکين روپيا واڌارو ڪيو وڃي ٿو، هلندڙ سال به واڌارو ٿيو پر غريب مسڪين ملازمن جي پينشن ۽ پگهار مهانگائي جي نسبت سان وڌائڻ بدران گهٽائي وڃي ٿي. پراڻي پينشن پاليسي تحت ملازمن کي رٽائرمنٽ کانپوءِ پينشن جي صورت ۾ علاج، ٻچن جي تعليم ۽ گهريلو خرچ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه سهارو ملندو هو، جڏهن ته نئين پاليسي تحت رٽائر ٿيل ملازم ۽ سندن ٻچا غيرمحفوظ ٿي ويندا، کائن سماجي تحفظ ڦرجي ويندو. رٽائرڊ ملازمن جي لاءِ پينشن آخري سهارو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ رياستي ذميواريءَ کان ڀڄڻ آهي،
اڳواڻن چيو ته سموري دنيا ۾ پينشن سوشل ويلفيئر جي پاليسي طور ڏني ويندي آهي، پر سنڌ حڪومت ان کي به ڪرپشن جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، ملازمن جي گروپ انشورنس ۽ ٻيا پئسا پيپلز پارٽي جا حڪمران کائي وڃن ٿا يا پيپلز پارٽي جي مقرر ڪيل ٽريزري آفيسرن کي ڳري رشوت ڏيڻ کانپوءِ ڪجهه نه ڪجهه ملازمن کي ملي ٿو. سنڌ سرڪار پينشن ۾ ڪٽوتيون ڪري ظلم ۽ ناحق ڪيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language