اسلام آباد:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)جون کان وٺي ملڪ ۾ تيز برساتن، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ ۾ هاڻي تائين 799 ماڻهو فوت ۽ 1,080 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي موجوده انگن اکرن موجب 26 جون کان 25 آگسٽ تائين برساتن ۽ ٻوڏ سبب 7,175 گهر تباهه ٿيا، جڏهن ته 5,552 چوپائي مال مارجي ويا.
انگن اکرن موجب، فوتين ۾ 203 ٻار، 476 مرد ۽ 119 عورتون شامل آهن، جڏهن ته 592 بچاءُ جي ڪارروائين ۾ 160,000 کان وڌيڪ ماڻهن کي بچايو ويو.
اين ڊي ايم اي موجب، خيبر پختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ 497 موت رڪارڊ ڪيا ويا، جڏهن ته پنجاب ۾ 165، سنڌ ۾ 55 ۽ بلوچستان ۾ 24 ماڻهو فوت ٿيا. گلگت بلتستان ۾ 45، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 23 ۽ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 8 ماڻهو فوت ٿيا.
ملڪ ۾ ٻوڏ سان لاڳاپيل واقعن ۾ ڪُل 1,080 ماڻهو زخمي ٿيا، جن ۾ 286 ٻار، 531 مرد ۽ 257 عورتون شامل آهن.
پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 584 ماڻهو زخمي ٿيا، ان کان پوءِ خيبر پختونخوا ۾ 347 ۽ سنڌ ۾ 71 ماڻهو زخمي ٿيا. ان کان علاوه، گلگت بلتستان ۾ 42، آزاد ڪشمير ۾ 28، بلوچستان ۾ 5 ۽ اسلام آباد ۾ 3 ماڻهو زخمي ٿيا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language