حيدرآباد:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ملازمن جون مراعتون ۽ پينشن ۾ ڪٽوتي وارو معاملي تي سموري سنڌ جيان حيدرآباد ۾ به سرڪاري ملازمن پاران حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.
سنڌ ايمپلائز الائنس جي سڏ تي ھزارين سرڪاري ملازم روڊن تي نڪري آيا، تعليمي کاتي ۽ صحت کاتي سميت سرڪاري ملازمن ھرتال ڪئي ، تعليمي کاتي جي ملازمن ۽ استادن آفيسن کي تالا ھڻي شاگردن کي گھر موڪلي ڇڏيو، ملازمن پنھنجي مطالبن جي حق ۾ احتجاج ڪيو.
سوين سرڪاري ملازمن اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو، ملازمن جو چوڻ ھو ته سرڪاري ملازمن کي پينشن ۽ الائنس کان محروم ڪيو پيو وڃي جيڪو اسان ڪڏھن به قبول نه ڪنداسين ، پنھنجي حقن جي لاء اڄ روڍن تي آھيون اڳيان ڪراچي ۾ به روڍن تي ھونداسين، اشرف بوزئي، نسرين ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏھن نوٽيفڪيشن واپس نه ورتو ويو ته سخت رد عمل ظاھر ٿيندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language