اسلام آباد:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته 9 مئي تي عليمه خان جو پٽ حسان نيازي سان موجود هو. انهي ڪري کيس شاهدين جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ ٽارگيٽ نه پر ٽارگيٽ اهي ماڻهو آهن جن قانون کي ٽوڙيو آهي، اسان پي ٽي آءِ کي چيو به آهي ته انهن ماڻهن سان لاتعلقي جو اظهار ڪيو جن قانون کي هٿ ۾ کنيو آهي.
طلال چوڌري چيو ته 9 مئي تي عليمه خان جو پٽ حسان نيازي سان گڏ موجود هو، پوليس شاهديون گڏ ڪري گرفتاريون ڪيون آهن. طلال چوڌري چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چئي چڪو آهي ته گرينڊ ڊائيلاگ جي لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ موجود آهي. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اهو به چئي چڪو آهي ته ڳالهين جي لاءِ منهنجي آفيس به کليل آهي، پي ٽي آءِ گرينڊ ڊائيلاگ چاهي ٿي ته اسپيڪر جي آڇ کي قبول ڪري.
پي ٽي آءِ ميمبرن جي نااهلي کان پوءِ خالي سيٽن تي ضمني چونڊن بابت سوال تي طلال چوڌري جواب ڏنو ته ضمني اليڪشن ۾ جيڪو به عوام جو فيصلو هوندو انهي کي اسان قبول ڪنداسين.
0 تبصرے
Do not use vulgar language