ڪراچي:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)جماعت اسلامي صوبائي اسيمبلين جي اجازت سان نوان صوبا ٺاهڻ جي حمايت ڪري ڇڏي، ان حوالي سان جماعت اسلامي ڪراچي ڊويزن جي امير منعم ظفر جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن صوبائي اسيمبليون اجازت ڏين ٿيون ته ڀلي وڌيڪ انتظامي يونٽ ٺاهيا وڃن، 32 صوبا ٺاهڻا هجن يا 12 صوبا ٺهن، انهي ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟ بسم الله ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي علائقي صدر ۾ ڦٽاڪا گدام کي باھ لڳڻ سبب فوت ٿيل 6 شهرين جي وارثن ۽ متاثر دڪاندارن کي معاوضو ڏنو وڃي، ساڳئي ريت ڌماڪيدار مواد رکڻ جي اجازت ڏيندڙ عملدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، ٻئي طرف پنهنجي اخبار پاران رابطي تي جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا جو چوڻ هو ته جماعت اسلامي سنڌ واسين سان گڏ بيٺل آهي، اسان سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف آهيون، نون صوبن جي ڳالهه ٿي ته اسان سنڌ دوست ڌرين سان جدوجهد ۾ گڏ بيهنداسين.
0 تبصرے
Do not use vulgar language