welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مرتضيٰ جتوئي سان ذوالفقار جونيئر جي ملاقات، گڏيل جدوجهد تي اتفاق

ڪراچي:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)ڪراچي ۾ اڳوڻي وفاقي وزير نيشنل پيپلز پارٽي چيئرمين جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ خان جتوئي سان جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جتوئي ھائوس ۾ ملاقات ڪئي، ٻنھي اڳواڻن جي وچ ۾ سياسي صورتحال تي پڻ ڳالھه ٻولھه ٿي آھي. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پاران غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي خاندان تي ڪيس داخل ٿيڻ جي مذمت ڪئي وئي، مستقبل ۾ ٻرندڙ مسئلن تي گڏيل طور تي جدوجھد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آھي. ان موقعي تي مسرور احمد خان جتوئي، سيد احمد علي شاھ، شڪيل جلباڻي، مير راضي خان جتوئي، زين خان جتوئي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے